اين ايف سي ايوارڊ نه ملڻ تائين هر بجيٽ غير آئيني آهي: بلاول زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۽ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي واضح ڪيو آهي ته جيستائين اين ايف سين ايوارڊ نه ڏيندا تيستائين هر بجيٽ غير آئيني هوندو، جيڪڏهن تاريخي ترقي آهي ته تاريخي غرب آهي، بيروزگاري ڇو آهي؟ پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ گڏهن جي آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي، حڪومت بجيٽ جي ذريعي عوام تي اڻسڌي طريقي سان ٽيڪسز جو طوفان بيهاري ڇڏيو آهي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ نقصان عام ماڻهو کي پهچائيندو، جيڪو ڪرڪيٽ کيڏندو هو ان کي چونڊي ڪري جوهري ملڪ جون واڳون ڏنيون ويون، حڪومتي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ منهن ڏيکارڻ جي قابل نه آهن، اسيمبلي ۾ هنگامي وارو ڏينهن تاريخ جو سڀ کان برو ڏينهن هو، ڀارتي جاسوسو کي اين آر او ڏنو، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي بجيٽ بڪ سان ماريو، سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، گيس کي ڪنهن ٻئي هنڌ ڏيڻ کان پهرين سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي ۾ گيس ڏيڻو پوندو، افغانستان تي سفارتي پاليسي کان آگاهه ڪيو وڃي، جمعي ڏينهن تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر کي طنزيه چيو ته توهان کي نئون پاڪستان مبارڪ هجي، خبر دار جيڪڏهن توهان مان ڪنهن وري هن ناجائز، نالائق ۽ نااهل حڪومت جي لاءِ رياست مدينه جو لفظ استعمال ڪيو، هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته اپوزيشن کي پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف بجيٽ تي خيالن جي اظهار جو موقعو نه ملي ۽ عوام سامهون ايڪسپوز نه ڪري سگهجي، هن چيو ته ويجهڙ جي ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو در اصل 4 سيڪڙو گروٿ بابت ڪوڙ کي لڪائڻ جي بهانو هو، بلاول ڀٽو حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته عوام کي اپوزيشن جي تقرير جي ضرورت ناهي هو ته حڪومت پاران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيا آهن، هن چيو ته جيڪي دوائون نٿا خريد ڪري سگهن، بيروزگار آهن، انهن کي خبر آهي ته معاشي ترقي جي دعوا ڪوڙي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته اسان جي حڪومتي دور ۾ عالمي معاشي بحران هو، مهانگائي هئي ۽ ٻن ٻوڏن جو مقابلو به ڪيو پر ڪڏهن عوام کي لاوارث نه ڇڏيو، هن چيو ته اسان جي حڪومت ۾ مهانگائي جي وقت ماڻهن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو جيئن ته حڪومت احساس پروگرام آندو پر عوام جو احساس نه ڪيو، بلاول ڀٽو چيو ته ڪورونا وبا ۽ تاريخي مهانگائي دوران حڪومت پگهارن ۾ ڪيترو اضافو ڪيو؟ جڏهن ته اڄ تائين نئون اين ايف سي ايوارڊ ناهي ڏنو ويو، هن چيو ته جيستائين اين ايف سي ايوارڊ نه ڏنو ويندو تيستائين هر بجيٽ غير آئيني هوندي، هن چيو ته حڪومت بجيٽ جي ذريعي عوام تي اڻسڌي طريقي سان ٽيڪسن جو طوفان بيهاري ڇڏيو آهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان عام ماڻهن کي پهچندو، هن چيو ته جڏهن بجلي سميت ٻين ضرورت جي شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيندو آهي ته عوام اوهان جي نا اهلي جو بار کڻندي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن تاريخي ترقي آهي ته تاريخي غربت ۽ بيروزگار ڇو آهي؟ هن چيو ته حڪومتي ميمبر تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري بعد پنهنجي تڪن ۾ وڃي عوام کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه آهن، هن چيو ته هو به ڪوڙا انهن جو بجيٽ به ڪوڙ، بلاول ڀٽو چيو ته قائد حزب اختلاف تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، بلاول ڀٽو چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ويجهڙ وارن ڏينهن ۾ ٿيندڙ هنگامن تي ڳالهه شروع ڪئي ته حڪومتي ميمبرن پاران جملي بازي ڪئي وئي، ان دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته در اصل وزير اعظم عمران خان جي جذبات کي ڇيهو رسيو ان کي هو افسرده هئا، هن چيو ته جيڪو ڪرڪيٽ کيڏندو هو، ان کي چونڊي ڪري جوهري ملڪ جي واڳ ڏني وئي، ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڪينسر جي مريض قائد حزب اختلاف شهباز شريف تي حملي وقت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جيڪو ايوان ۾ موجود هوا ۽ ڪجهه نه ڪري سگهيو، بلاول ڀٽو چيو ته ايوان ۾ هنگامه آرائي جو تاريخ جو سڀ کان برو ڏينهن قرار ڏنو، جنهن تي اسپيڪر اسد قيصر بلاول ڀٽو زرداري کي چيو ته ان معاملي تي ڳالهه ٿي چڪي آهي ان لاءِ توهان صرف بجيٽ تي ڳالهايو، بلاول ڀٽو چيو ته مان اهو ڏينهن وساري نه ٿو سگهان، توهان کي ان جي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، بلاول ڀٽو چيو ته جيڪو اسان جو مواصلات وارو وزير آهي ان کي سي پيڪ جي ڪري چين سان گڏجاڻيون ڪرڻ گهرجن، اسپيڪر وزير مواصلات جي باري ۾ بلاول ڀٽو جا لفظ حذف ڪرائي ڇڏيا، هن چيو ته جيڪڏهن توهان چوندا ته توهان جي وزير اعظم جي پسند جي تقرير ٿي ته ائين نه ٿيندو، ان ڏينهن توهان نه ڏٺو اسان جي ڪشمير واري وزير جو ڪردار ڇا هو، هو جيڪو ڪشمير جو سودو ڪري سگهي ٿو ڪلڀوشن کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اسپيڪر صاحب توهان جو هڪ خاندان آهي ڇا توهان جا ٻارن ناهي پڇيو ته هتي ايوان ڪيئن هلايو پيو وڃي، اسپيڪر قومي اسيمبلي کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته توهان کي ٻڌڻو پوندو ۽ حڪومتي ميمبرن کي جيئن جواب ڏيڻُو آهي ڏين، ڇو ته اهو انهن جو حق آهي، بلاول ڀٽو چيو ته جنهن وزير اعظم ڪشمير جو سودو ڪيو ۽ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي اين آر او ڏنو پر شهباز شيف کي بجيٽ بڪ سان مارڻو آهي، سنڌ بابت ڳالهائيندي چيو ته وزير اعليٰ سنڌ صوبي جي مسئلن تي ڳالهائي ته وفاق کي مسئلو هوندو آهي جيڪڏهن هو سنڌ جي ڳالهه نه ڪندو ته ڇا جرمني يا جاپان جي مسئلن تي خيالن جو اظهار ڪري، هن چيو ته ، گيس کي ڪنهن ٻئي هنڌ ڏيڻ کان پهرين سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي ۾ گيس ڏيڻو پوندو، افغانستان تي سفارتي پاليسي کان آگاهه ڪيو وڃي، هن چيو ته ان ڪيمرا يا ٻيو ڪو معاملو اختيار ڪري پر عوامي نمائندن جي سامهون صورتحال واضح ڪن، جنهن تي اسپيڪر قومي اسيمبلي واضح ڪيو ته بجيٽ اجلاس بعد ان معاملي تي مڪمل بريفنگ ورتي ويندي، بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي اءِ تعميراتي شعبي کي غير معمولي مراعتون ڏنيون پر بجيٽ ۾ ان عام ماڻهو کي فائدو ناهي ٿيو، هن چيو ته هڪ نقطو اهڙو آهي جيڪجو قابل تعريف آهي ته اڪنامڪ سروي جي مطابق ملڪ ۾ گهوڙن جي گهٽتائي جڏهن ته گڏهن جي آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته هڪ لک گڏهن جو اضافو ٿيو ان لاءِ گهوڙا ته ايترا ئي آهن، پر پي ٽي آءِ جي دور ۾ گڏهن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي، بلاول ڀٽو چيو ته اسان 2009-2010ع ۾ 15 سيڪڙو پگهارن ۾ اضافو ڪيو، 2011ع ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو، اسان جي دور ۾ مجموعي طور تي 120 سيڪڙو اضافو ٿيو، توهان صرف 10 سيڪڙو پگهارن ۾ اضافو ڪيو ۽ عوام کي لاوارث ڇڏي ڏنو، پيپلز پارٽي پينشن ۾ به سو سيڪڙو اضافو ڪيو، اسان ته سرحدن جي تحفظ ڪرڻ واري سپاهين جي پگهارن ۾ 175 سيڪڙو اضافو ڪيو، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ حڪومت هاڻ به 25 هزار اجرت رکي آهي، توهان سرڪاري ملازمن سان احتجاج بعد معاهدو ڪيو هو، توهان سرڪاري ملازم کي ڌوڪو ڏنو، جنهن نموني توهان ماڻهن کي لاوارث ڇڏيو آهي اهي ڪڏهن توهان کي معاف نه ڪندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *