خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ٿئي به ته پرواهه ناهي، ثمبر مافيا کي نه ڇڏبو: عمران خان

مانسهره(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ وڻن جي حفاظت لاءِ سائينٽيفڪ پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٽمبر مافيا خلاف اعلان جنگ ڪيون ٿا جڏهن ته صوبي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جيڪڏهن حڪومت ختم به ٿئي ٿي ته ان جي پرواهه ناهي، مانسهره جي دوري جي موقعي تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جو چوڻ هو  ته صوبي ۾ وڻن جي حفاظت لاءِ 22 سال کانپوءِ پهريون ڀيرو سائينٽيفڪ پاليسي آڻي رهيا آهيون جنهن تحت جهنگلات جون سيٽلائيٽ تصويرون ورتيون وينديون ۽ وڻ وڍڻ جي صورت ۾ ٽمبر مافيا خلاف ڪارروائي ڪندي انهن تي ڳرو ڏنڊ وڌو ويندو هن چيو ته ٽمبر مافيا مقامي ماڻهن جي مدد سان جهنگلاٽ کي ڪٽي وڏو منافعو ڪمائي رهي آهي ۽ گذريل 10 سالن دوران صوبي مان 100 ارب روپين وڌيڪ وڻ وڍجي چڪا آهن جڏهن ته  حڪومت ٽمبر پافيا خلاف اعلان جنگ ڪيو آهي جڏهن ته ڪجهه مقامي ماڻهو پئسا وٺي جهنگلات جي خاتمي ۾ لڳل آهن جن خلاف عدالت کان به مدد جي درخواست آهي  تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته صوبائي حڪومت هڪ ارب کان وڌيڪ وڻ لڳائيندي ۽ سرڪاري ۽ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان پوري صوبي ۾ پاليسي تحت جتان کان وڻ وڍيو ويندو اتي ٻيو وڻ لڳاينداسين جڏهن تو پوري صوبي ۾ ٽمبر مافيا طرفان وڻن جي واڍي لاءِ انهن تي نشان لڳايا ويا هئا جن جو حڪومت نوٽيس وٺندي وڻ وڍڻ کان انهن کي روڪي ڇڏيو، هن جو چوڻ هو ته مقامي ماڻهن کي گڏائي انهن کي وڻن جي حفاظت تي مقرر ڪنداسين ۽ جهنگلات جي حفاظت ڪنداسين ٽمب مافيا تمام طاقتور آهي پر ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت وڃي ته به پرواهه ناهي صوبائي حڪومت فاريسٽ پاليسي تي عمل ڪرائي ڏيکاريندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *