بلديه فيڪٽري کي باهه هٿ سان لڳائي وئي، رينجرز جي جاچ رپورٽ ۾ اهم انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بلديه ٽائون فيڪٽري بابت درخواست ۾ رينجرز واقعي جي جاچ بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي رپورٽ مطابق پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي جنهن پڇا ڳاڇا دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجن ساٿين سان گڏجي فيڪٽري کي باهه ڏني هئي بلديه ٽائون فيڪٽري جي درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي ٻڌڻي دوران رينجرز واقعي جي جاچ بابت رپورٽ پيش ڪئي، رينجرز جي لا آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ان پڇا ڳاڇا دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجن ساٿين سان گڏجي فيڪٽري کي باهه ڏني هئي، رينجرز جي لا آفيسر جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جنهن تي عدالت سانحي جي رهيل متاثرن ۾ چيڪ ورهائي رپورٽ هڪ هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. نجي ٽي وي موجب جوابدار ڪي ايم سي جو سينيٽري ورڪر آهي ۽ ان جو تعلق سياسي پارٽي سان آهي، هن انڪشاف ڪيو آهي ته 20 ڪروڙ ڀتو نه ڏيڻ تي فيڪٽري کي ڪيميڪل هاري باهه ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *