خورشيد شاهه وچ مدي وارين چونڊن جي تجويز ڏئي ڇڏي

khursed shahاسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه موجودهه سياسي بحران جي حل لاءِ مڊٽرم چونڊن جي تجويز ڏئي ڇڏي، وزيراعظم بحران جي حل لاءِ وچ مدتي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏي ته اهو بهتر ٿيندو، اسان چاهيون ٿا ته نظام ۽ پارليامينٽ قائم رهي، چونڊن ۾ ڌانڌلي جي سپريم ڪورٽ مان جاچ ڪرائي وڃي، آپوزيشن جرڳو ٻنهي پارٽين سان سڌو سنئون ڳالهائي. پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته ڏنڊي جي زور تي ڪا ڳالهه مڃرائي نٿي سگهجي، وزيراعظم کي زبردستي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ وزيراعظم پاڻ فيصلو ڪري، وزيراعظم پاڻ وچ مدتي چونڊن جو اعلان ڪري ته اهو نظام لاءِ بهتر آهي ته جيئن پورو نظام نه ويڙهيو وڃي، پاڪستان پيپلزپارٽي نظام بچائڻ جي حق ۾ آهي. هن چيو ته نواز شريف چوي ٿو ته آئيني وزيراعظم آهيان، مينڊيٽ ملڻ تي زرداري ۽ عمران خان واڌايون ڏنيون هيون ته هاڻ معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ مثبت قدم کڻڻ ۾ ڪو حرج نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *