پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ چڱي طرح تيار آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (Pakistan's Lieutenant-General Raheel Sharif attends a military exercise in Bahawalpurاين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي منفرد صلاحيت سبب پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ قربانين جي سڄي دنيا ۾ عزت ڪئي وڃي ٿي اڱاري تي کاريان ۾ نيشنل ڪائونٽر ٽريريزم سينٽر جو سنگ بنياد رکڻ جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته سينٽر ۾ فوجي جوانن کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي اعليٰ ۽ جديد تربيت ڏني ويندي بري فوج جي سربراهه چيو ته ڇو ته اسان کي ملڪ جي هر حصي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن سان گڏجي دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻو پوندو. هن آپريشن ضرب عضب ۾ حصو وٺندڙ فوجين جي ڪاميابين تي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ان کان اڳ کاريان پهچڻ تي جنرل راحيل شريف جو استقبال ڪورڪمانڊر منگلا ليفٽيننٽ جنرل طارق خان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *