خورشيد شاهه جو وزيراعظم کي خط، جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ تي واڌايون

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون، سندس چوڻ آهي ته پر کيس افسوس آهي ته ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد حڪومت جو چونڊ سڌارن تان ڌيان گهٽجي ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه وزيراعظم نواز شريف کي خط لکيو. خط ۾ خورشيد شاهه وزيراعظم کي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ تي  واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته پيپلز پارٽي شروع کان ئي ڇڪتاڻ واري سياست کي رد ڪيو آهي، غير سياسي ۽ غير جمهوري قدم ڪنهن به ريت ملڪي مفاد ۾ ناهن. خورشيد شاهه ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڌرڻو ختم ڪرڻ بعد حڪومت جو چونڊ سڌارن تان ڌيان گهٽجي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، جنهن ڪري چونڊ سڌارن واري عمل کي مشاورت سان جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ قانون سازي لاءِ ڪميٽي کي جلد پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ گهرجن. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه خط ۾ چونڊ سڌارن کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *