يمن صورتحال: آصف زرداري ويچار لاءِ اتحادي جماعتن جو اجلاس سڏائي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) يمن جي صورتحال تي ويچار لاءِ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري اتحادي جماعتن جو اجلاس اربع تي گهرائي ورتو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري اتحادي جماعتن جو اجلاس اربع ڏهاڙي بلاول هائوس ۾ طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم، اي اين پي، قاف ليگ، بي اين پي  عوامي ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن کي دعوتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ يمن جي صورتحال تي ويچار سان گڏ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ويچاريو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *