خليل جو دهشتگردن سان تعلق ٿابت نه ٿيو، جي آئي ٽي سي ٽي ڊي آفيسر کي قتل جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي جي آپريشن کي سئو سيڪڙو درست قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ساهيوال سانحي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي. اجلاس ۾ سينيئر وزير عليم خان، قانون واري وزير راجا بشارت، چيف سيڪريٽري، گهرو معاملن بابت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، لاڳاپيل ايجنسين جي اعليٰ آفيسرن سميت جي آءِ ٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. جي آءِ ٽي جي شروعاتي رپورٽ ۾ سي ٽي ڊي آفيسرن کي خليل ۽ سندس خاندان جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو ويو، جڏهن ته مقتول خليل ۽ سندس خاندان جو دهشتگردي سان ڪو به واسطو ثابت نه ٿي سگهيو. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راجا بشارت چيو ته سانحي تي وزيراعظم جي آءِ ٽي جوڙي ۽ تيز توڙي شفاف جاچ جو واعدو پورو ڪيو، اسان انصاف جا سمورا تقاضا پورا ڪنداسين، ساهيوال سانحو پنجاب حڪومت لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي ۽ ان ڪيس کي مثال بڻائينداسين. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي شروعاتي جاچ موجب خليل جو خاندان بي گناهه آهي ۽ انهن جي قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي کي قرار ڏنو ويو آهي، جي آءِ ٽي شروعاتي رپورٽ ۾ واقعي ۾ ملوث سمورن آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ذيشان جي حوالي سان جاچ لاءِ وڌيڪ وقت گهريو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته شروعاتي جاچ رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ واقعي ۾ ملوث سي ٽي ڊي جي 5 اهلڪارن خلاف قلم 302 تحت چالان جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ انهن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلايو ويندو، ايڊيشنل آءِ جي آپريشن پنجاب ۽ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ايس پي سي ٽي ڊي کي معطل ڪيو ويو آهي. راجا بشارت چيو ته آپريشن سئو 100 درست هو ۽ ان ۾ ماريل ذيشان ڏوهي هو، سڀاڻي ميڊيا لاءِ ان ڪئميرا بريفنگ ڪرائي رهيا آهيون، جنهن ۾ واقعي ۽ جاچ جا سمورا معاملا سامهون آندا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *