حساب جو ڳالهيون نه ڪريو، وفاق کان حق وٺي رهنداسين: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان وفاق کان پنهنجو حق وٺي رهنداسين، اسان سنڌ جي عوام کي حساب ڏئي هر ڀيري سوڀارا ٿيندا آهيون، حساب وٺڻ واري ڳالهه نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ماڻهن کي لٽڪائڻ واريون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، پڪڙ ڌڪڙ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ وزارت عظميٰ به باقي نه رهندي. هن چيو ته سندس چين وڃڻ ڪري نالو اِي سي ايل ۾شامل ڪيو ويو، سنڌ حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي جي رٿا جي حوالي سان تمام سنجيده آهي پر وفاق پاران عدم دلچسپي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران ڪراچي سرڪلر ريلوي واري منصوبي بابت پنهنجو پاليسي بيان ڏيندي چيو ته گذريل ڏينهن هن ايوان ۾ جڏهن ڪي سي آر رٿا جي حوالي سان ڳالهايو ويو ته مان موجود نه هئس انڪري اڄ ضروري سمجهان پيو ته ان بابت سنڌ اسيمبليءَ جي پوزيشن ۽ حقيقتن کي ريڪارڊ تي آندو وڃي. هن چيو ته ڪالهه ايوان ۾ ڪي سي آر بابت ڪجهه خط ڏيکاريا ويا مان سموري ڳالهه ٻڌايان ٿو ته ماضيءَ ۾ نٿو وڃا سڀني کي خبر آهي ته 29 ڊسمبر 2016ع تي چين ۾ ميٽنگ ٿيڻي هئي مون چيو هو ته جيڪو پئڪيج لاهور ۾ اورينج ٽرين کي ڏنو ويو آهي اهو ئي ڪي سي آر کي ڏنو وڃي پر ان تي اڳڀرائي نه ڪئي وئي، مون چار شيون گهريون هيون، 3 ڊسمبر تي لکيل منهنجي خط جو 7 ڊسمبر تي جواب آيو هو، نواز شريف جو ٿورائتو آهيان منهنجي 4 مان 3 ڳالهين جو جواب ڏنو ويو هو. چين جي ڪمپنين کي بينڪ گارنٽي ڏيڻ لاءِ اڳوڻي وفاقي حڪومت کي خط لکيو، 3 آڪٽوبر تي وزيراعظم عمران خان کي به خط لکيو، هاڻي ته خطن جو جواب به نٿو ڏنو وڃي، پهرين گهٽ ۾ گهٽ خط جو جواب ته ايندو هو، ان مان اندازو لڳايو وڃي ته سندن دلچسپي ڪيتري آهي. وڏي وزير چيو ته چين وڃڻ جي ڪري نالو اِي سي ايل ۾ وڌو ويو. مراد علي شاهه پاليسي بيان ڏيندي چيو ته ماڻهن کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ بند ڪريو پنهنجن ووٽرن لاءِ ڪم ڪريو جن اوهانکي ووٽ ڏنو ملڪ جي معاشي حالت تمام خراب آهي، مان ان وفاقي حڪومت ڪري ملڪ کي ٻڏندي ڏسي رهيو آهيان. وڏي وزير چيو ته ڦاهيءَ تي هڪ کي ته چاڙهيو ويو ته پر هُو اڃا تائين زنده آهي. اسانکي به ڦاهي ڏيو، ڦاهيءَ تي چاڙهڻ ۽ مارڻ مرڻ جون ڳالهيون ڇڏيو. مراد علي شاهه چيو ته اسان وفاق کان پنهنجو حق زبردستي وٺي رهنداسين، ڪوبه اسان کان حساب وٺڻ جي ڳالهه نه ڪري اسان سدائين حساب ڏنو آهي، سنڌ جي ماڻهن اسان کان حساب وٺي چوندا رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته ماڻهن کي جيلن ۾ وجهڻ، ڦاهي چاڙهڻ بند ڪريو، مان چوان ٿو ته ايئن نه ڪريو جيڪڏهن پڪڙ ڌڪڙ ڪئي وئي ته وزارت عظميٰ به نه بچندي. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي رٿا وفاق جي سهڪار بنا بڻائڻ ممڪن نه آهي، اسان لون وٺي ان رٿا لاءِ رقم ڏئي سگهون ٿا. اسان وٽ پيسا نه آهن پر پوءِ به ان رٿا لاءِ تيار آهيون. هفتو اڳ به وزيراعظم کي ڪي سي آر بابت خط لکيو آهي، مان لکندو رهندو آهيان متان ڪڏهن ڪو اثر ٿي پوي. هن چيو ته 15 سيڪڙو اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، چين ان رٿا لاءِ تمام سنجيده آهي، سنڌ حڪومت سان ريلوي کاتو سهڪار نه پيو ڪري جنهن تي اسان کي تمام گهڻا خدشا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *