خدمتن تي جي ايس ٽي وصولي مرڪز حوالي ڪرڻ تي غور، سنڌ جي مخالفت

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي سيڪريٽري شهباز سينيئر استعفيٰ جي ترديد ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته مون /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

استعفيٰ ناهي ڏني، استعفيٰ جون خبرون ڏسي حيرت ٿي.پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ٻن وڏن جا اختلاف کلي سامهون اچي ويا. صدر هاڪي فيڊريشن خالد سجاد کوکر گذريل ڏينهن شهباز سينيئر جي استعفيٰ جو اعلان ڪندي چيو ته آصف باجوا کي نئون سيڪريٽري نامزد ڪيو ويو آهي.شهباز سينيئر پنهنجي هڪ ويڊيو پيغام ۾ استعفيٰ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته مون ڪا به استعفيٰ ناهي ڏني. ميڊيا تي استعفيٰ جون خبرون ٻڌي حيرت ٿي آهي. هن چيو ته مون لاءِ پاڪستاني هاڪي فيڊريشن جو سيڪريٽري جنرل هئڻ ڪو وڏو تعارف ناهي، مون هن ملڪ لاءِ جيڪو ڪجهه به ڪيو آهي اهو ئي منهنجو تعارف آهي.شهباز سينيئر چيو ته جيڪڏهن  ماڻهو چاهين ٿا ته آءٌ هاڪي فيڊريشن ۾ ڪم نه ڪريان تو پوءِ مان بنا ڪنهن جهيڙي تي ڪم نه ڪندس،  پر اهڙي طرح ميڊيا تي بيان ڏيڻ صحيح ناهي اهو هڪ غيراخلاقي عمل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *