خاص جهاز يمن ۾ ڦاٿل 176 پاڪستانين کي کڻي ڏيهه پهچي ويو، ايئرپورٽ تي جذباتي منظر

اسلام آباد/ڪراچي (اسٽاف رپورٽر/بيورو) پي آءِ اي جي خاص اڏام يمن ۾ ڦاٿل وڌيڪ 176 پاڪستانين کي حفاظت سان کڻي ڏيهه پهچي ويو، وطن واپس آيل 122 مسافرن جو تعلق پنجاب ۽ 50 ڄڻن جو تعلق سنڌ آهي،بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ سمورن شهرين کي واپس آندو ويندو. پي آءِ اي جو خاص جهاز ايئر بس 310 وڌيڪ هڪ سئو 76 پاڪستانين کي جبوتي مان کڻي اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو. پي آءِ اي جي اڏام پنجاب سان تعلق رکندڙ 122 مسافرن کي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڇڏيو. پي آءِ اي جي ساڳئي اڏام سنڌ سان تعلق رکندڙ 50 مسافرن کي کڻي ڪراچي جي جناح ايئرپورٽ پهتي. ٻنهي هوائي اڏن تي يمن مان واپس پهتل شهرين ڀرپور خوشيءَ جو اظهار ڪيو. هوڏانهن اسلام آباد ايئرپورٽ پهچڻ تي بچاءَ واري وزير خواجا آصف، هوا بازي واري صلاحڪار شجاعت عظيم ۽ پي آءِ اَي چيئرمين مسافرن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته يمن مان اڪثر پاڪستاني نڪري چـُڪا آهن، جيڪڏهن ته صنعا ايئرپورٽ آپريشنل ٿيو ته اتان به شهرين کي ڪڍيو ويندو. بچاءَ واري وزير اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن اندر سمورن پاڪستانين کي ڏيهه واپس آندو ويندو. خواجا آصف جو چوڻ هو ته ڪجهه سئو پاڪستاني مڪلا، صنعا ۽ حديده ۾ هاڻي به موجود آهن جن کي جلد ڪڍڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ياد رهي ته يمن ۾ ويڙهه سبب وزيراعظم جي خاص هدايت تي ڦاٿل پاڪستانين جي واپسي لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ به پي آءِ اي جي خاص اڏام ذريعي 504 شهرين کي ڏيهه واپس آندو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *