بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان هڪ ٻيون منفرد اعزاز پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو

لنڊن(شوبز نيوز)لنڊن جي مادام تساوء جي ميوزيم ۾ بالي ووڊ جي ڪيترن ئي اسٽارز جا  مجسما رکيا ويا آهن، پر هاڻي بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان پنهنجي نئين ايندڙ فلم“ فين” جي شوٽنگ کان پوءِ هن کي ان ميوزيم ۾ پهريون ڀيرو عڪس بند ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ٻئي طرف بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان به مادام تساوء ميوزيم ۾ فلم جي عڪس بندي جي اجازت ملڻ تي تمام خوش آهي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ان جو چوڻ هو ته فلم “ فين” جي شوٽنگ جي اجازت ڏيڻ تي مادام تساوء ميوزيم انتظاميه جو شڪر گذار آهيان ۽ هي پهرين فلم آهي، جنهن جي عڪس بندي هتي ٿي رهي آهي، جيڪي خوشگوار لمحا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *