حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جو سمجهوتو ٿي ويو آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پي ٽي آئي تمام گهڻي لچڪ ڏيکاري آهي، 4 اهم نڪتن تي اتفاق ٿي ويو آهي. پنجاب هائوس اسلام ۾ تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي ڪميٽي جي ميمبرن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پوئين 2 هفتن کان تحريڪ انصاف سان ڪجهه ملاقاتون ٿيون هيون پر ميڊيا کي خبر ٿيڻ نه ڏني ڇو ته چئي ڇڏيو هو ته جيستائين معاملو حل نه ٿئي ميڊيا تي نهاينداسين. تحريڪ انصاف جي ساٿين وڏي خلوص سان ڪوشش ڪئي۔ ملڪ چونڊ سڌارن، معاشي ترقي سميت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته تحريڪ انصاف سان چار اهم معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي. جن نقطن تي اتفاق ڪيو ويو اُن جي ڪاپي ميڊيا کي ڏينداسين. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته 2013 جي چونڊن جي 2 سالن کان بحث هيٺ آهن. مسلم ليگ (ن) جو موقف آهي ته چونڊون بهتر ٿيون آهن جڏهن ته اسان جو موقف آهي ته چونڊون بدترين ٿيون آهن ڇو ته ان کان اڳ ۾ جيتريون چونڊون ٿيون آهن اُنهن تي آڱريون کنيون ويون آهن. آئين اسان جي رهنمائي ڪري ٿو ته معاملي کي ڪهڙي ريت حل ڪيو وڃي. اتفاق ٿيو آهي ته معاملي جي حل لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ چونڊ سڌارا ڪيا وڃن ڇو ته جمهوريت جي بنيادي چيز ووٽ جو حصح استعمال آهي. جهانگير ترين چيو ته جوڊيشل ڪميشن تحت تحقيق ڪئي ويندي ته چونڊون غير جانبدار ۽ قانون موجب هيون يا نه.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *