حيدر عباس رضوي، بابر غوري، قمر منصور ۽ رئوف صديقي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث جوابدار صولت مرزا  جي اعترافي بيان جي وڊيو نظر ۾ رکندي متحده قومي موومينٽ جي 4 اڳواڻن جا نالا ايگزٽ لسٽ ۾ وڌا وي آهن، ايم ڪيو ايم جي حيدر عباس رضوي، بابر غوري، قمر منصور ۽ رئوف صديقي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته صولت مرزا جيڪو اعترافي وڊيو بيان جاري ڪيو آهي اهو ڪل 16 منٽن جو آهي، اڃان تائين صرف 6 منٽ جي وڊيو نشر ڪئي وئي آهي ۽ باقي وڊيو م وڌيڪ انڪشافن جو امڪان آهي، صولت مرزا حڪومت کي اپيل ڪئي هئي ته ان جي سزا ان وقت تائين ملتوي ڪئي وڃي جيستائين هو وڌيڪ انڪشاف نه ٿو ڪري ڇڏي پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون واقعو آهي جڏهن ڪنهن موت جي سزا جي قيدي جي ڦاهي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ان طرح جي وڊيو جاري ٿي هجي ۽ ان جي ردعمل ۾ سزا کي ملتوي ڪيو ويو هجي، ذريعن جو چوڻ آهي ته صولت مرزا جي بيان جي روشني ۾ ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا جن ۾ امڪاني طور تي واسع جليل، فيصل سبزواري، عبدالرشيد گوڊيل ۽ طاهر مشهدي شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *