حڪومت ۽ فوج ۾ ڪنهن سطح تي وار برابر فرق ناهي: احسن اقبال

ننڪانه صاحب (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته اهو پاڪ فوج جي هر هڪ سپاهي جي عزت ڪري ٿو، ان جو بيان فوج جي خلاف نه هيو، ننڪانه صاحب ۾ شهيد ڪيپٽن حسنين نواز جي گهر ڀاتين سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج وچ ۾ هن وقت ڪنهن قسم جو ۽ ڪنهن سطح تي هڪ وار برابر به فرق ناهي، اسان سڀ پاڪستان کي مضبوط ۽ پرامن بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته جيڪا جنگ اسان وڙهي رهيا آهيون، ان ۾ ڪاميابي تڏهن ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي، جڏهن اسان ان جذبي سان ڪم ڪريون ته اسان هڪ ئي ٻيڙي جا سوار آهيون، سندس چوڻ هيو ته پاڪ فوج حڪومت جي پٺيءَ تي ۽ حڪومت پاڪ فوج جي پٺيءَ تي آهي، ملڪ جي دشمنن جي ڪوشش آهي ته بداعتمادي پيدا ڪئي وڃي، مضبوط پاڪستان لاءِ اسان کي صفن ۾ ٻڌي جي ضرورت آهي، گهرو وزير چيو ته اسان هڪ اقتصادي جنگ به وڙهي رهيا آهيون ته جيئن پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻجي اسان اوندهه کي شڪست ڏني آهي، جتي 20 ڪلاڪ بجلي نه ايندي هئي اتي هاڻي 20 ڪلاڪ ايندي آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان جي حوالي سان هڪ سوال تي هن چيو ته مون بيان ڏنو ۽ انهن وضاحت ڪري ڇڏي، ڳالهه ختم ٿي وئي، منهنجو بيان نه فوج جي خلاف هيو هر هڪ سپاهي جي اسان عزت ڪندا آهيون، هن چيو ته هڪ طبقو چوي ٿو ته ملڪ ۾ هر شئي جو ٻيڙو غرق آهي، اسان کي ايئن چوندڙ طبقي سان اختلاف آهي، ميڊيا شين کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪري، گهرو وزير چيو ته ڪيپٽن حسنين اهو قابل فخر سرمايو آهي، جنهن تي اسان جا نسل فخر ڪندا، جن 3 سپاهين ان سان گڏ شهادت ماڻي، انهن تي به فخر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *