مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 765 ارب رپين جا ٽيڪس گڏ ٿيا: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پهرين ٽه ماهي ۾ مالي ڪارڪردگي کي منظم ڪيو آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پهرين ٽه ماهي ۾ 765 ارب رپين جا ٽيڪس گڏ ٿيا، پهرين ٽه ماهي ۾ 570 ارب رپين جا ٽيڪس صوبن کي منتقل ٿيا، هن چيو ته مالي ڪارڪردگي ۾ نظم ۽ ضبط ترجيح آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ روينيو وصولي 765 ارب رپيا رهي، پهرين ٽه ماهي ۾ روينيو وصولي 20 سيڪڙو وڌي، حڪومت پنهنجي خرچن کي مانيٽر ڪري رهي آهي، پهرين ٽه ماهي ۾ مالي خسارو 324 ارب رپيا رهيو، ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پهرين ٽه ماهي دوران ترسيلات زر 4.79 ارب ڊالر رهيون، ملڪي درآمدات 14.26 ارب ڊالر رهيون، ملڪي برآمدات ۾ 6 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، معاشي ترقي جي شرح جو هدف 6 سيڪڙو رکيو ويو آهي، معاشي ترقي جي شهر 3.7 مان وڌي 5.3 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، پهرين ٽه ماهي ۾ جاري خرچ 894 ارب رپيا رهيو، گذريل سال جاري خرچ ان دوران 914 ارب رپيا هيا، جاري کاتن جو خسارو ٻن مهينن ۾ 3 ارب 10 ڪروڙ رپيا رهيو، گذريل سال جاري کاتن جو خسارو پهرين ٻن مهينن ۾ 2 ارب 60 ڪروڙ ڊالر هيو، اسحاق ڊار چيو ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري 179 ملين ڊالرز هئي، مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيره 14 ارب ڊالرز آهن، مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ ڪا پريشاني واري ڳالهه ناهي، 2013 کان اڳ ملڪ ۾ 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، اسان اقتصادي ترقي جي شرح کي 3.7 سيڪڙو کان 5.3 سيڪڙو تائين پهچايو، باوقار قوم طور تي ذميداريون پوريون ڪنداسين، اسان 480 ارب رپيا گردشي قرض ادا ڪيا، گردشي قرض چار سئو ارب کان گهٽ آهن، مورگن اسٽنلي اسٽينڊرڊز اينڊ پورز معيشت کي ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *