حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي ٽيڪ اوور ڪري يا بند ڪري ته حمايت ڪئي ويندي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي ٽيڪ اوور ڪري يا بند ڪري ته حمايت ڪئي ويندي، جڏهن ته هي وقت سياست ڪرڻ جو نه پر گرمي وگهي ٿيندڙ فوتگين کي روڪڻ جو آهي، حڪومت واڻئي واري بندي کڻي ليکي ڪرڻ بدران بحران کي حل ڪري. قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي تنقيد جي جواب ۾ خورشيد شاهه ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ خاص ڪري ڪراچي اندر گرمي وگهي هزار-ٻارنهن سئو ماڻهو فوت ٿيا آهن، جيڪو افسوس جوڳو امر آهي. هن چيو ته حڪومت دعوائون ڪري رهي آهي ته بجلي جي بحران تي 2018 تائين ضابطو آندو ويندو، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اها حڪومت جي وڏي ڪاميابي هوندي، جيڪا کيس ايندڙ چونڊن ۾ به سوڀ ڏياريندي پر هي وقت سياست جو نه پر گرمي وگهي فوت ٿيندڙ انسانن سان همدردي ۽ انهن کي بچائڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ جو وقت آهي. هن چيو ته حڪومت واڻئي واري بندي کڻي ليکي ڪرڻ بدران بجلي ڏئي ۽ ان تي سبسڊي ڏئي هر ماڻهو جي بجلي تائين رسد کي يقيني بڻائي. خورشيد شاهه چيو ته جمهوريت لاءِ محبت جو تعلق جوڙيو آهي، جيڪو برقرار رهي ته بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه قوتون انهي ئي انتظار ۾ آهن ته سياستدان هڪٻئي ۾ هٿ وجهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ماضي وارين حڪومتن کي به اڌ ۾ ختم ڪيو ويو، پيپلز پارٽي نه ٿي چاهي ته حڪومت وقت کان اڳ رخصت ٿئي ۽ اها ڳالهه اسان مختلف وقتن تي ثابت به ڪندا رهيا آهيون. خورشيد شاهه چيو ته ماضي ۾ حڪومت تي جيڪي به ڏکيا مرحلا آيا، ان ۾ ملڪ جي سموري سياسي قيادت اپوزيشن ۽ مختلف فڪر جي ڌرين حڪومت جو ساٿ ڏنو ته جيئن جمهوريت مضبوط ٿئي. خورشيد شاهه ڪيترائي ڀيرا هٿ جوڙي اسپيڪر کي عرض ڪندو رهيو ته بجلي بنا ليکي ماڻهن کي ڏئي گرمي وگهي کين مرڻ کان بچايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *