بينظير قتل ڪيس: سرڪاري ڌر جا 15 شاهد غيرضروري قرار، بيان نه وٺڻ جو فيصلو

راولپنڊي (م.ڊ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد محترما بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ سرڪاري ڌر جي 15 شاهدن کي غيرضروري قرار ڏيندي سندن شاهدي وٺڻ جو فيصلو ختم ڪري ڇڏيو. شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راءِ محمد ايوب خان اڊيالا جيل ۾ ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت سرڪاري ڌر جي 15 شاهدن کي اجائي ۽ غيرضروري قرار ڏيندي چيو ته انهن جا بيان نه ورتا ويندا.عدالت وڌيڪ شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جا سمن جاري ڪندي ڪارروائي 29 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *