حڪومت کي پي ٽي آءِ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اهو معاملو حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) پيپلزپارٽي ، تحريڪ انصاف جي ميمبرز کي نااهل قرار ڏيڻ واري رٿ جي پارليامينٽ ۾ مخالفت جو اعلان ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت کي پي ٽي آءِ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اهو معاملو حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته تحريڪ انصاف جي ميمبرز  کي نااهل قرار ڏيڻ بابت رٿ جي پارليامينٽ ۾مخالفت ڪئي ويندي. هن چيو ته سياسي پارٽي کي پارليامينٽ مان نيڪالي نه ڏيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جا ميمبر حڪومت سان ٿيل معاهدي تحت ايوان ۾ واپس اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرز جي نااهلي واري رٿ تي اتفاق راءِ پيدا نه ڪرڻ حڪومت جي ڪوتاهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت کي تحريڪ انصاف جي ميمبرز جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اهو معاملو حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *