جيڪڏهن ملڪ ۾ ايڌي جهڙا ادارا نه هجن ها ته ماڻهن جا لاش روڊن تي پيا هجن ها: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ٿرپارڪر ۾ گذريل مهيني ڏڪار ۽ بيمارين واري صورتحال ۾ مري ويندڙ 100 کان وڌيڪ ٻارڙن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ سيڪريٽري صحت پاران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي. عدالت رپورٽ تي عدم اعتماد ظاهر ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس مقبول باقر تي ٻڌل 3 رڪني بينچ  ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان اسان کي سبز باغ ڏيکاري رهيا آهيو، اهي سبز باغ نه ڏيکاريو. عدالتي بينچ پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ٿر اندر اسپتالن ۾ ڊاڪٽر نه آهن نه ئي دوائون آهن، ٻيو ته ٺهيو پر ڪراچي جي جناح اسپتال جي اهڙي حالت آهي جو هت گٽر پيا وهن، ماڻهو اسپتال مان پٽي نٿا ڪرائي سگهن. عدالت جو چوڻ هو ته ماڻهو مرن پيا انهن لاءِ اوهين ڪفن نٿا ڏيئي سگهو، هاڻ مري ويلن کي اوهين ته زمين به نٿا ڏئي سگهو، جيڪڏهن ملڪ ۾ ايڌي جهڙا ادارا نه هجن ها ته ماڻهن جا لاش روڊن تي پيا هجن ها. عدالت حڪم جاري ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ جي سموري اسپتالن جي بجيٽ بابت تفصيلي رپورٽ سان گڏ اسپتالن کي ڪيتريون دوائون ڏنيون وڃن ٿيون ان لاءِ ڪيتري رقم ڏني وڃي ٿي، مڪمل تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *