حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 7 رپين تائين گهٽتائيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شهباز گل عوام کي اهڙي خوشخبري ٻڌائي.  هن ٻڌايو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان جي نئين قيمت 140 رپيا 82 پئسا في ليٽر هوندي. سندس چوڻ هو ته ڊيزل جي قيمت به 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ 137 رپيا 62 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گاسليٽ 7 رپيا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي ۽ ان جي نئين قيمت 109 رپيا 53 پئسا هوندي. شهباز گل موجب لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 7 رپيا هڪ پئسو في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *