ارسا پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نٿي ڪري، سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين ۽ لڳاتار کوٽ سبب زراعت تباهه ٿي وئي: ڄام شورو

ڪراچي  (سٽاف رپورٽر)  سنڌ جي آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ صوبي جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو شديد بحران آهي ارسا سنڌ صوبي کي 1991 جي معاهدي جي تحت پاڻي فراهم نٿو ڪري. جنهنڪري بلوچستان، رائيس ڪينال ۽ دادو ڪينال ۾ پاڻي جي شديد ڪمي کي منهن ڏيڻو پوندو. جڏهن ته سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب صوبي سنڌ جي 22 کان 32 لک ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آهي. هن چيو ته ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊِي سم نالن جي غلط پلاننگ جي ڪري سنڌ صوبي کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. ايل بي او ڊِي کي جنرل ضيا جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو جنهن جي ڪري ضلع بدين، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ تيز برساتين جي دوران تمام گھڻو نقصان ٿيندو آهي ۽ پراڻي قدرتي واٽر ويز کي به ڪٽ لڳ رهيو آهي. ان کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي آبپاشي کاتي حڪمت عملي بڻائي ته نئين ڪينالز جي لائننگ ڪئي وڃي ان ڏس ۾ سنڌ صوبي 2008 کان اڄ تائين 32 سو ڪلو ميٽر جي ويجھو مختلف ڪينالز جي واٽرن جي لائننگ جا منصوبا مڪمل ڪيا آهن واٽر لائننگ جي حوالي سان مالي سال ۾ 16 منصوبن تي ڪم جاري آهي انهن مان 15 هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ٿي ويندا جڏهن  ته 509 ڪلو ميٽر تي مختلف نئين ڪينالز جي لائننگ جو ڪم جاري آهي. انهن ڳالهين جو اظهار هن اڄ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي ڪارڪردگي ۽ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو اطلاعات ۽ محنت وارو صوبائي وزير سعيد غني  به ساڻس گڏ موجود هو. سنڌ جي آبپاشِي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو بريفنگ ڏيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي واٽر اينڊ ڊرينيج سيڪٽر ۾ هلندڙ مالي سال ۾ ڪل 138 اسڪيمون آهن جن مان 84 نيون واٽر اينڊ ڊرنيج جون اسڪيمون آهن جن لاءِ 40 بلين روپيا رکيا ويا آهن هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ملڪ مان بجلي جي قلت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٿرڪول منصوبو شروع ڪيو جنهن ۾ 4 ترقياتي منصوبن جي لاءِ 546 بلين روپيا رکيا ويا آهن ۽ هڪ نئين اسڪيم جي لاءِ 175 بلين روپيا رکيا ويا آهن انهن منصوبن تي پڻ ڪم جاري آهي جيڪي هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته ميچنگ ايلوڪيشن جي سيڪٽر ۾ 7 ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي جن مان 5 ترقياتي منصوبا ايندڙ سال مڪمل ٿي ويندا هڪ نئين اسڪيم پي ايس ڊي پي کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شروع ڪرائي هئي جنهن جي تحت پاڻي جي قلت کي دور ڪرائڻ جي لاءِ 109 واٽر چينلز تعمير ڪرڻا هئا جنهن مان 56 واٽر چينلز جي منصوبن کي مڪمل ويو آهي. 32 اهڙيون واٽر چينلز جون اسڪيمون آهن جنهن تي موجوده پي ٽي آئي جي حڪومت فنڊز جي ڪمي جيڪري ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي جڏهن ته 21 واٽر چينلز جا منصوبا اهي آهن جن تي وفاقي حڪومت ڪم ڪرڻ نٿي چاهي. صوبائي وزير ڄام خان شورو وڌيڪ ٻڌايو ته ٿرپارڪر، ڪاڇو ۽ ٻين غير آباد علائقن ۾ اسمال ڊيمز جون 44 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته 16 اسمال ڊيمز جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي جيڪو هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سنڌ جو آبپاشي کاتو ٽن منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي جن ۾ بيراج امپروومنٽس پروجيڪٽ، سنڌ ريزيلينس ۽ SWAT پروجيڪٽس شامل آهن جنهن جي تحت گڊو ۽ سکر بئراج جي بحالي جو ڪم ڪيو ويندو ۽ سنڌ ريزيلينس پروجيڪٽ جي تحت سنڌو درياءَ جي 9 بچاءَ بندن جي بحالي ۽ مضبوطي جا منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 14 ننڍن ڊيمز جي تعمير جو ڪم پڻ جاري آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ حڪومت تي لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ تي تنقيد، الزام لڳائڻ ۽ مطالبا ڪرڻ سڀني جو حق آهي ان تي اسان کي ڪو به اشو ناهي پر هڪ سٺي قانون ۾ جڏهن ته ان ۾ بهتري آڻڻ جي باوجود ان کي منفي انداز ۾ پيش ڪري سنڌ صوبي ۾ نفرتون ۽ لساني فساد پيد ڪرڻ غلط عمل آهي ۽ ان بابت اسان ٻين سياسي جماعتن کي به آگاهي ڏئي رهيا آهيون. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته 2013 جي قانون جي مقابلي ۾ هن وقت لوڪل گورنمنٽ جي قانون ۾ ترميمون ڪري ان کي بهتر ڪيو ويو آهي ۽ ڪجھ شيون جيڪي 2001 ۽ 2013 جي لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ ۾ نه هنيون انهن کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 2001 ۽ 2013 لوڪل گورنمنٽ جي قانون ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ جا ميئر ڪراچي وٽ اختيار نه هئا جڏهن ته پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت نئين لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ جو چيئرمين ميئر کي بڻايو آهي جڏهن ته وائيس چيئرمين ڪمشنر ڪراچي هوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *