حڪومت پاران سيلينڊر ۽ ايل پي جي جو ڌماڪو، اگهه ۾ 10 روپيا واڌ

اسلام آباد(بيورو) ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿيندي ئي ايل پي جي مارڪيٽ ڪمپنين ايل پي جي جي  اگهن ۾ 10 رپيا في ڪلو گرام واڌ ڪري ڇڏي آهي. گهر۾ استعمال ٿيندڙ سلينڊر 120 رپيا ۽ ڪمرشل سيلينڊر 480 رپيا في ڪلو گرام مهانگو ٿي ويو. ذريعن مطابق آل پاڪستان ايل پي جي ڊسٽريبيوٽر ايسوسئيشن جي چئيرمين عرفان کوکر مطابق ايل پي جي مارڪيٽ ڪمپنين ايل پي جي جي اگهن ۾ 10 رپيا في ڪلو گرام واڌ ڪري ڇڏي آهي، مختلف شهرن ۾ ايل پي جي جي نون اگهن جي مقرري ڪئي وئي آهي.ڪراچي ۾ ايل پي جي  جا نوان اگهنن 95 رپيا في ڪلو، لاهور،قصور، گجرانوالا ۽ جهلم ۾ 105 رپيا في ڪلو گرام،رحيم يار خان،صادق آباد حيدرآباد

۽ اٽڪ ۾ ايل پي جي جا اگهه 110 رپيا في ڪلو گرام  مقرر ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *