هاري پيڪيج هڪ ڀيرو ٻيهر رولڙي جو شڪار، مداخلت تي چيف اليڪشن ڪميشنر ڪاوڙجي پيو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن وزيراعظم هاري پيڪيج کي مٿاڇري سطح تي هڪ ڀيرو ٻيهر روڪي ڇڏيو. ساڍا12 ايڪڙ کان گهزمين رکندڙ هارين کي 5 ڊسمبر تائين  امدادي پئسا نٿا ڏئي سگهجن. چيف اليڪشن ڪميشنر چيو آهي ته عدالتي رنڊڪن سبب سموري سگهه ضايع پئي ٿئي. ذريعن مطابق سنڌ ۽ پنجاب جي مڪاني چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ٿيندي ئي وفاقي حڪومت 341 ارب رپين جي رقم جو وزيراعظم هاري پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي مخالف پارٽين ۽ چونڊ ماهرن جي تنقيد کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي هاري پيڪيج جي ٽن حصن تي عمل روڪي ڇڏيو هو، جنهن تي وفاقي حڪومت اسلام آباد هائي ڪورٽ سان رابطو ڪري هاري پيڪيج بحال ڪرايو هو.اسلام آباد هائي ڪورٽ فيصلو وفاق جي حق ۾ ڏيندي معاملي جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ ڪيس اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر موڪلي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن هاري پيڪيج بابت ٽن کان وڌيڪ ٻڌڻيون ڪيون، جنهن کان پوءِ فيصلو ٻڌايو.اليڪشن ڪميشن جي نئين فيصلي مطابق وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون 5 ڊسمبر تائين ساڍا 12 ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙ هارين کي امدادي پئسا نه ڏئي سگهندي، جڏهن ته زرعي اپت ۾ واڌ لاءِ امدادي پئسا 2کان 4 هزار تائين ڪرڻ ۽ ڪپهه،چانور جي پوک لاءِ قرض جي شرح ٻه سيڪڙو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. چيف اليڪشن ڪمشنر ٻڌڻي دوران هڪ ڀيرو ٻيهر هائي ڪورٽ جي مداخلت تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته اسان جيترا به فيصلا ڏيون ٿا، هائي ڪورٽ ان جي ابتڙ حڪم جاري ڪري ٿي ڇڏي. عدالتن کي اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ مداخلت جو ڪو به حق ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *