حڪومت ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي، خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطي جو اعلان

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ٽي ايل پي جي خلاف ريفرنس داخل ڪنداسين. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن جانين جو نذرانو ڏئي امن کي يقيني بڻايو، 580 پوليس وارا زخمي آهن ۽ سڀني کي سلام پيش ڪيان ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان پوري ڪوشش ڪئي ته ڳالهين سان مسئلا حل ٿين پر هنن جا ارادا ڏاڍا خطرناڪ هئا ۽ هنن پنهنجي ايجنڊا کان پوئتي هٽڻ نه پئي چاهيو، مان ٻن سالن کان مسلسل ٽي ايل پي سان رابطي رهيس، پر ٽي ايل پي فيض آباد اچڻ جي ضد تي هئي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ٽي ايل پي تي پابندي جي نوٽيفڪيشن لاءِ ضروري ڪارروائي جاري آهي، ڪابينا تحريڪ لبيڪ تي پابندي جي منظوري ڏني، ڪجهه ئي دير ۾ نوٽيفڪيشن به جاري ٿي ويندو جڏهن ته سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٽي ايل پي جي خلاف ريفرنس داخل ڪنداسين. هن چيو ته ڪابينه منظوري ڏيئي ڇڏي آهي ۽ نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو هن چيو ته اسان تي ايل پي کي تحليل به ڪري رهيا آهيون ۽ اڄ جمعي تي ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ ڪابينه کي ٻيهر موڪلينداسين هن چيو ته اسان پوري ڪوشش ڪئي ڳالهين سان معاملي طئي ٿين مسئلا حل ٿين پر انهن جا ارادا خطرناڪ هئا ۽ اهي ڪنهن به صورت ۾ 20 تاريخ تي پنهنجي ايجنڊا تان پوئتي هٽڻ نه پيا چاهين هن چيو ته اهي ٽي ڀيرا اڳ به اچي چڪا آهن ۽ ڇوٿون ڀيرو اچڻ تي ضد ڪري رهيا هئا ان لاءِ اسان ملڪ ۾ امن امان لاءِ هي فيصلو ڪيو هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان لاءِ پوليس وارن جانين جا نذرانا ڏنا ۽ 580 پوليس اهلڪار زخمي آهن 30 گاڏيون تباهه ٿيون ۽ مان سمورن شهيدن ۽ پوليس اهلڪارن کي سلام پيس ڪيان ٿو هن چيو ته تحريڪ لبيڪ کي ختم ڪرڻ لا3 آئين جي آرٽيڪل 17(2) کي اليڪشن ايڪٽ جي آرٽيڪل 2012 سان گڏ پڙهي اڄ جمعي تي ڪابينه ۾ ٻي سمري به ويندي گهرو وزير چيو ته پوليس ۽ رينجرز جنهن همت ۽ جرئت سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي ان تي وزيراعظم ۽ سڄي قوم ساراهيو آهي ۽ سڄي قوم ان تي سک جو ساهه کنيو آهي. هوڏانهن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته ٻن سالن ڪوشش رهيو رهيو هوس ته ٽي ايل پي ريگولر سسٽم ۾ اچي، اسيمبلي ۾ ٺهراءَ جي حوالي سان اسان پوئتي نه هٽيا هئاسين پر حڪومت ٺهراءَ جو اهڙو مسودو پئي چاهيو جنهن سان اسان تي سفارتي سطح تي ڪو به اثر نه پوي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *