اين ايف سي تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ سنڌ جي آدم شماري گھٽ ڏيکاري وئي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماء ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين چيو آهي ته وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ کي هميشه نظر انداز ڪيو ويندو آهي، وزيراعظم پاڻ چئي چڪا آهن ته سنڌ اسان جو صوبو ناهي، ان مان ئي ظاهر ٿي وڃي ٿو ته انهن جا سنڌ لاءِ ڪهڙا جذبات آهن. هن چيو ته وفاقي بجيٽ پروگرام ۾ سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويندو، اڪثر آن لائن اجلاسن ۾ سنڌ جي بيوروڪريسي کي گهرايو ويندو آهي، سياسي قيادت يا صوبائي وزيرن کي ان جو اطلاع به نٿو ڏنو وڃي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جمعرات تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام جي ترقي ۽ بهتري جي پروگرامن ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ اسين تيار هوندا آهيون پر وفاقي حڪومت پاران ڪوبه رابطو ناهي ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جي سنڌ جي دوري بابت اڃا تائين کين سرڪاري طور آگاهه ناهي ڪيو ويو. وفاقي حڪومت پاران سنڌ لاءِ ترقياتي پيڪيج کي اسين ويلڪم ڪيون ٿا جيڪڏهن سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ وفاقي حڪومت ڪو پيڪيج آڻِي ٿي ته سنڌ حڪومت ان ۾ سهڪار ڪندي. هن چيو ته  اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان صرف صدر آصف علي زرداري جي حڪومت ۾ ٿيو هو ان کان پوءِ ن ليگ جي حڪومت کي نئين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان 2015 ۾ ڪرڻو هيو پر نئين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان  اڃا تائين ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن نئين اين ايف سي جو اعلان ٿي وڃي ته سنڌ حڪومت وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هن وقت اڪيلي جماعت آهي جيڪا آدم شماري تي اڪيلي وڙهي رهي آهي جيڪي گهڻيون ڳالهيون ڪندا هئا انهن ڪو اعتراض نه واريو.  ايم ڪيو ايم آدم شماري جي معاملي تي خاموش رهي، پي ٽي آئي کي ڪراچي مان سڀ کان وڌيڪ مينڊيٽ مليو انهن پڻ ڪا ڳالهه نه ڪئي. هن چيو ته سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي، يونيسيڪو جي مطابق سنڌ جي آبادي 6 ڪروڙ کان مٿي آهي آدم شماري گهٽ ڏيکارڻ سان اين ايف سي ۾ حصي تي وڏو فرق پوي ٿو. صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪالهه پڻ وزيراعظم ذڪر ڪيو ته ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو آبادي ڪچي آبادين ۾ رهي ٿي، پر وزيراعظم وٽ ڪراچي وارن لاءِ صرف ڳالهيون آهن. هن چيو ته خاتم النيبن حضرت محمد صلی اللّٰہ علیہ وآلہ وسلم  تي اسان جون جانيون پڻ قربان آهن هن چيو ته ان معاملي تي سنڌ حڪومت جو موقف واضح آهي. مظاهرين جو طريقيڪار درست نه آهي، احتجاج جو اهو طريقو قابل قبول ناهي. وزيراعليٰ سنڌ جي هدايت تي مون پاڻ انهن سان ڳالهايو هو ته روڊ جي هڪ طرف پرامن مظاهرو ڪن. هن چيو ته اها وفاقي حڪومت جي پڻ نااهلي آهي ته  انهن سان اهڙو  ٺاهه ڪيو ويو. ان جي باوجود اها وفاقي حڪومت جي ذميواري هئي ته انهن سان ويهي ڪري معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪري ها. پي ڊي ايم بابت سوال تي هن چيو ته مان هڪ سياسي ورڪر آهيان پر اميد آهيان ته اسان سڀ هڪ ٿي وينداسين اسان هڪ سياسي جماعت ناهيون. سمورن جماعتن جو الگ الگ منشور آهي پر هڪ ايجنڊي تي جمع ٿيا هئاسين. هن چيو ته وفاقي حڪومت نااهل آهي انهن جي ڪابه تياري نه هئي هنن ماڻهن سان ڌوڪو ڪيو ۽ پوري معيشيت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اپوزيشن جماعتن کي هڪ ٿيڻ گهرجي ته جيئن هن نااهل حڪومت کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي جيڪڏهن انهن کي گهر نه موڪليو ويو ته معيشيت جو اڃا وڌيڪ برو حال ٿي ويندو جنهن کي ڪوبه سنڀالي نه سگهندو هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اپوزيشن جو ڪردار نڀائيندي رهندي. مولانا فضل الرحمٰن جي ڪجهه بيانن تي شديد اعتراض آهي، ن ليگ پهرين ڏينهن کان سولو فلائٽ چاهي پئي، جڏهن مولانا فضل الرحمٰن ڳالهائي رهيا هئا ته پيپلز پارٽي کي واٽس گروپ مان ڪڍيو پئي ويو. هن چيو ته اسان ڪنهن جي ذيلي تنظيم نه آهيون، جيڪڏهن ڪنهن کي صدر آصف علي زرداري سان ڳالهه ڪرڻي آهي ته مولانا فضل الرحمٰن جي ذريعي ڪن، مريم نواز پنهنجي پارٽي جي نائب صدر آهي ڳالهه ڪرڻي آهي ته شهباز شريف يا نواز شريف ڪن. صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جو فيصلو هاڻي اي اين پي جي فيصلن سان مشروط آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو آهي اسان جي ڪوشش آهي ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ٿئي جتي لائينن جو نيٽ ورڪ ناهي اتي مجبورن ٽينڪرز جي ذريعي پاڻي ڏيڻو پوي ٿو. صوبائي وزير چيو ته هن وقت ڪراچي ۾ 6 کان 7 واٽر هائيڊرينٽ هلي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ وڏي عرصي کان تعطل جو شڪار هيو چار سال اڳ پروجيڪٽ تي ڪم جي شروعات ٿيندي ئي نيب جو خط ملي ويو هيو هن چيو ته هينئر سڀ رڪاوٽون ختم ٿي چڪيون آهن سيف سٽي ڪراچي جو پروجيڪٽ تيار آهي جنهن تي جلد ڪم جي شروعات ٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪارونجهر اهم معاملو آهي وزيراعليٰ سنڌ ان معاملي تي سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪاميٽي جوڙي آهي ڪاميٽي پنهنجون سفارشون سنڌ ڪابينا کي پيش ڪندي هن چيو ته ان معاملي تي فيصلو سنڌ ۽ عوام جي مفاد ۾ ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *