حڪومت طرفان اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم ۾ 3 جولاءِ تائين واڌ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم ۾ 3 جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ناڻي بابت وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ معاشي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايسيٽس ڊڪليريشن اسڪيم مان فائدو کڻندڙن لاءِ 3 ڏينهن وڌائي رهيا آهيون، اسڪيم مان ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ضرور فائندو حاصل ڪن، ان اسڪيم سان ماڻهو 3 جولاءِ تائين بئنڪنگ وقتن ۾ فائدو کڻي سگهن ٿا. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم مان فائدو وٺو، ان سان گڏوگڏ هن خبردار ڪيو ته اسڪيم مان فائدو نه کڻندڙن خلاف بنا نالي قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، بنا نالي ملڪيت جي حوالي سان قانون تي عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ بنا نالي ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو ڪم شروع آهي، 50 لک رپين جي ملڪيت تي ٿورو ٽيڪس ادا ڪري اسڪيم مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو ته ٽيڪس نظام پراڻو هو، جنهن ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون ۽ نان فائلرز کي فائلر بڻائي رهيا آهيون، قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر آگسٽ کانپوءِ اين ٽي اين نمبر بڻجي ويندو، ريفارمز آڻڻ لاءِ ڪجهه تبديليون به ڪرڻيون پونديون، سيلز ٽيڪس ۾ ڪا انساني مداخلت نه هوندي، هراسان ڪندڙن جا اختيار گهٽائي ڇڏيا آهن، جنهن کانپوءِ هاڻ ايف بي آر آفيسر ٽيڪس ادائيگي ڪندڙن کي هراسان نه ڪري سگهندا. ان کان اڳ فيڊرل بورڊ آف روينيو اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم جي مدي ۾ واڌ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *