قومي ٽيم ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي: عماد وسيم

 

ليڊز(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيم جي آل رائونڊر عماد وسيم چيو آهي ته افغانستان خلاف ميچ ۾ راشد خان خلاف پلان جوڙيو هو، بنگلاديش جي ٽيم به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، قومي ٽيم ڪنهن به اليون کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ليڊز ۾ ڀرپور ڪارڪردگي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عماد وسيم مداحن کان گهر ڪئي ته گرائونڊ ۾ ميچ ڏسو پر جهيڙن کان پاسو ڪيو. هن چيو ته راشد خان خلاف جيڪو پلان جوڙيو هو اهو ڪامياب ٿيو.عماد وسيم وڌيڪ چيو ته بنگلاديش فارم ۾ آهي پر پاڪستان ڪنهن کي به هارائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *