حڪومت جو ملڪ ۾ بند رستا کولرائڻ لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي صدارت هيڍ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته خراب حالتن وارن هندن تي موبائيل انٽرنيٽ سروس بند هوندي شيخ رشيد جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو اجلاس م فيصلو ڪيو ويو ته مذهبي تنظيم طرفان جاري مظاهرن سبب جتي حالتون خراب هونديون اتي 24 ڪلاڪن لاءِ موبائيل انٽرنيٽ سروس بند ٿيندي شيخ رشيد جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مذهبي معاملن جو وفاقي وزير، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي شرڪت ڪئي جڏهن ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي اجلاس ۾ مذهبي جماعت جي احتجاج سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ قانون ٽوڙيندڙن کي سختي کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رستا کولرائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *