سنڌ حڪومت جو تڪراري آدمشماري معاملو پارليامينٽ ۾کڻڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن سنڌ ڪابينا جي ستين اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ 23 ايجنڊا تي غور ڪرڻ کانپوءِ فيصلا ورتا جنهن ۾ پارليامينٽ ۾ آدمشماري جو معاملو کڻڻ، انٽرا ڊسٽرڪٽ آپريشن لاءِ 250 ڊيزل هائبرڊ اليڪٽرڪ بسن جي خريداري، ڊويزنل سطح تي سنڌ سالڊ مئنيجمينٽ جي منتقلي، خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ فارم VII جي شرط ختم ڪرڻ ۽ گرڊ 16 ۽ 17 ۽ ٻين مختلف سيٽن کي ريگيولر ڪرڻ بابت غير قانوني قرار ڏنل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل دائر ڪرڻ شامل هئا. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ صوبائي ڪابينا جو اجلاس صبح 10 وڳي شروع ٿيو ۽ شام 5 وڳي ختم ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. آدمشماري: سنڌ جي وڏي وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته هن سي سي آءِ اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي سومر ڏينهن شرڪت ڪئي هئي جنهن ۾ 2017 جي آدمشماري کي متفقه ووٽ حاصل ٿيڻ باوجود منظور ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وزيراعظم کي چيو هو ته چئن صوبن کي آدمشماري جي نتيجن بابت سخت خدشا آهن ۽ ان جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن ڪابينا کي ٻڌايو ته سي سي آءِ اجلاس شروع کان ئي اتفاق سان فيصلا ڪري رهي آهي پر اهو پهريون فيصلو هو جيڪو ووٽ جي مخالفت باوجود ورتو ويو ۽ اهڙي صورتحال ۾ معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين. صوبائي ڪابينا آدمشماري جو مسئلو پارليامينٽ ۾ کڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. 250 بسون: ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير اويس قادر شاهه ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته کاتي، سنڌ انٽرا ڊسٽرڪٽ پيپلز بس سروس پروجيڪٽ تحت 250 ڊيزل هائبرڊ اليڪٽرڪ بسون خريد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. هن ڪابينا کي ٻڌايو ته اهي بسون ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هلنديون. ماس ٽرانزٽ کاتي هڪ پروفيشنل ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون آهن ۽ منصوبي تي 8 ارب رپيا لاڳت ايندي. ڪابينا ان تجويز کي منظور ڪيو ۽ ٽرانسپورٽ کاتي کي بس خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو ان مقصد لاءِ کاتي کي گهربل فنڊز ڏيندو ۽ ڇهن ضلعن جي عوام لاءِ خوشخبري پڻ قرار ڏنو. سنڌ سالڊ وسٽ مينيجمينٽ بورڊ: مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ايڪٽ 2021 جو مسودو پيش ڪيو جنهن ۾ صوبي جي هر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ قائم ڪيو ويندو. هر بورڊ جو سربراه ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو ميئر ۽ ميٽروپوليٽن بورڊ جي ميمبرن سميت ڊويزن جو لاڳاپيل ڪمشنر هوندا. بورڊ وٽ ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ مئنيجنگ ڊائريڪٽر هوندو. ڪابينا تجويز پيش ڪندي ۽ معاملو اسيمبلي ۾ موڪليو ويو آهي. ڪڻڪ جي خريداري: ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي خوراڪ واري وزير هري رام ۽ سندس کاتي جي سيڪريٽري حليم شيخ چيو ته هنن پهرين اپريل 2021 کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪئي آهي. وزير چيو ته هيٺين سنڌ جي ضلعن ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ فصل پوکي وئي آهي پر اڃا تائين 6333.850 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي. خوراڪ واري وزير هري رام چيو ته ڪڻڪ جي خريداري بابت پاليسي هدايتون ئي خريداري ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجنديون آهن تنهنڪري هن ڪابينا کي زرعي پاس بڪ/ فارم 7 جي تياري کان ڇوٽ جي تجويز ڏني. هن وڌيڪ چيو ته ڇوٽ ڏيڻ سان هارين کي خوراڪ کاتي جي خريداري مرڪزن وٽان بارداڻو وٺڻ لاءِ ڌيان ڇڪرائڻ ۾ مدد ملندي. صوبائي حڪومت في موڊ جي قيمت 2000 رپيا پيش ڪري رهي آهي تنهنڪري هاري نه رڳو خوش ٿين ٿا پر پنهنجي پيداوار پڻ صوبائي حڪومت کي وڪڻڻ لاءِ ايندا آهن. ڪابينا خوراڪ کاتي جي تجويز جي منظوري ڏني ۽ بارڊاڻو حاصل ڪرڻ لاءِ پاس بڪ يعني فارم IV تيار ڪرڻ جي شرط کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ خوراڪ کاتي کي پي پي بيگز جا وڌيڪ 2600 بيگز خريد ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏني. سپريم ڪورٽ کي اپيل:  سنڌ جي وڏي وزير ڪابينا کي آگاهي ڏني ته هاءِ ڪورٽ قانون کاتي جي گريڊ 16 ۽ 17 جي اٽڪل 1400 ملازمن کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انهن ملازمن کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کانسواءِ مقرر ڪيو ويو ۽ اهي ملازم 2008 ۾ مقرر ڪيا ويا. مڪمل غور ويچار کانپوءِ ڪابينا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي. زڪوات کاتو: زڪوات ۽ عشر واري وزير سهيل انور سيال ڪابينا کي آگاهي ڏني ته جسٽس (ر) غلام سرور ڪورائي کي نومبر 2018 کان 2021 تائين ٽن سالن جي عرصي لاءِ چيئرمين سنڌ زڪوات ڪائونسل مقرر ڪيو ويو ۽ هاڻي هو استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي. سندس درخواست تي ڪابينا استعيفيٰ قبول ڪري ورتو ۽ جسٽس (ر) محمد اقبال مهر کي باقي عرصي لاءِ چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو. ڪابينا ڊاڪٽر مفتي حق نبي الاظهر کي زڪوات ڪائونسل جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو. ڪابينا زڪوات ۽ عشر ايڪٽ 2011 ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏني جنهن تحت هڪ رٽائرڊ هاءِ ڪورٽ جو جج يا هڪ رٽائرڊ گريڊ 20 جو سرڪاري ملازم زڪوات ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويندو. ان کان اڳ فقط هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج زڪوات ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ٿي پئي سگهيو. موٽر سائيڪلن جي خريداري: لائيو اسٽاڪ کاتي ڪابينا کي آگاهي ڏني ته سنڌ صوبو 44.782 ملين رپين جي لاڳت سان جانورن جي مالڪن ۽ ليڊنگ پروڊڪشن سينٽرن جي سارسنڀال جو بندوبست ڪري رهيو آهي. چوپائي مال جو وڏو انگ هئڻ باوجود، جانورن جي پيداوار ٻين ترقي پذير ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي ۽ اهو خاص طور تي خراب جينياتي صلاحيتن سبب متاثر ٿيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته خراب سماجي تحفظ ۽ اقتصادي استحڪام انيشيٽو پروگرام – آرٽيفشل انسمينيشن (اي آءِ) ذريعي جينياتي صلاحيتن کي سڌارڻ لاءِ بهترين پيداوار وارين پرڏيهي توڙي ڏيهي نسلن جي بنيادي منصوبو آهي. جانورن جي نسل کي وڌائڻ لاءِ هن پروگرام جون سڀ سرگرميون سڄي صوبي اندر ٽيڪنيڪل اسٽاف ذريعي ڪيو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪنيڪل عملي لاءِ 120 موٽرسائيڪلون گهربل آهن. ڪابينا تجويز جي منظوري ڏني ۽ موٽرسائيڪلن ۽ ٻين سامان جي خريداري لاءِ 238 ملين رپيا رقم جي منظوري ڏني. فنانس معاملن بابت ذيلي ڪميٽي: سنڌ جي وڏي وزير ڪابينا جي اجلاس کي ٻڌايو ته صوبائي ڪابينا جي مالي معاملن بابت ذيلي ڪميٽي موجوده مالي سال ۾ ٿيندڙ برساتن (21-2020) ۾ نقصان پهچندڙ واٽر ڪورسن جي بحالي ۽ مرمت لاءِ 500 ملين روپيا مختص ڪيا آهن، زراعت کاتي جي تجويز کي ڪندي 500 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن. صوبائي ڪابينا جي مالي معاملن بابت ذيلي ڪميٽي جي غورويچار کانپوءِ ڪورونا وائرس سبب هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گريڊ هڪ کان 20 تائين مختلف ڪيڊرن جي 59 ۽ هيلٿ مئنيجمينٽ، ريسرچ اينڊ ريفارم يونٽ (HMRRU) جي پوسٽون قائم ڪرڻ پگهار ۽ غير پگهار وارن خرچن جي شرطن بابت صحت کاتي جي تجويز کي منظور ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن 21-2020 ۾ HMRRU لاءِ 178.373 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ذيلي ڪميٽي ان مسئلي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ 21-2020 ۾ اين آءِ وي، ڊاڪٽر پنجواڻي، سينٽر فار ماليڪيولر اينڊ ڊرگ ريسرچ (ICCBS) ڪراچي يونيورسٽي ۾ 119 ملين رپين جو واڌو فنڊز جي منظوري ڏني وئي. ذيلي ڪميٽي اسٽينو گرافر ۽ ريڊر (گريڊ 12) جي 6 پوسٽن جي خاتمي جي نتيجي ۾ بيلف جون 25 پوسٽون (اينٽي ٽيررازم ڪورٽ جون 24 ۽ هڪ رجسٽرار اسپيشل ڪورٽ ايس ٽي اي / اي ٽي اي) قائم ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي. رولز: صوبائي ڪابينا وزير محنت سعيد غني پاران پيش ڪيل آفيسرن جي قاعدن جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان ۾ سنڌ بانڊڊ ليبر سسٽم (ابيواليشن) رولز 2021، سنڌ ويجز رولز 2021، سنڌ ڪمپنيز پرافٽ (ورڪرز) پارٽنرشپ رولز 2021، سنڌ شاپس اينڊ ڪمرشل اسٽيبلشمنٽ رولز 2021، ۽ عورتن جي همٿ افزائي لاءِ ليبر قانون ۾ عورت ليبر فورس جي شموليت، ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۽ سنڌ ايمپلائيز رولز 2020 شامل آهن. صوبائي ڪابينا سنڌ مائننگ انسٽيٽيوٽس رولز جي منظوري ڏني جنهن تحت جانورن جي پناهه گاهن وارن علائن ۾ مائننگ لائسنس جاري نه ڪيا ويندا. صوبائي ڪابينا ڊاڪٽر واصف علي ميمڻ کي ميمبر / سينئر ميمبر، سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *