حڪومتي قدم عوام جي ڀلائي لاءِ کنيا ويندا آهن، ان ڪري ميڊيا پڻ انهن کي مناسب جڳهه فراهم ڪري: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر):اطلاعات، ليبر۽ ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه  چيو آهي ته ميڊيا معاشري جي برائين سان گڏوگڏ معاشري ۽ حڪومت طرفان ڪيل ڪمن کي به پنهنجي ميڊيا چينلن ذريعي اجاگر ڪري ۽ عوام کي ٻنهي طرفن کان معلومات فراهم ڪري.اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان ميڊيا ڪلب طرفان منعقد ڪيل پروڊيوسرز ورڪشاپ جي تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو. سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پي ايم سي هڪ سٺي مقصد لاءِ بڻايو ويو آهي ۽ حڪومت انهن سان مڪمل سهڪارفراهم ڪندي جيڪا به سفارش يا قرارداد هوندي ان جي مڪمل تائيد لاءِ مثبت جواب ڏيندا سين. حڪومتي قدم عوام جي ڀلائي لاءِ کنيا ويندا آهن، ان ڪري ميڊيا پڻ انهن کي مناسب جڳهه فراهم ڪري ته جيئن عوام کي معلومات مهيا ٿي سگهي. صوبائي وزير چيو ته پي ايم سي کي سنڌ اطلاعات کاتي پاران هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ان کان اڳ معروف اينڪر مجاهد بريلوي، ضياءُ الله خان چيئرمين پي ايم سي ۽ ٻيا پروڊيوسر ورڪشاپ ۾ پروڊيوسرز لاءِ سهولتون فراهم ۽ پيشه ورانه معاملن ۾ پيش ايندڙ چئلينجز ۽ مسئلن بابت تفصيلي گفتگو ڪئي. بعد ۾ اطلاعات کاتي واري  صوبائي وزير  سيد ناصر حسين شاهه شرڪت ڪندڙ پروڊيوسرز ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *