اسان دلين کي ٽوڙيندا نه پر جوڙيندا آهيون، 2 پارٽيون جي ٽي روڊ جي سياست پيون ڪن: بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان دلين کي ٽوڙيندا نه پر جوڙيندا آهيون، اسان جون دليون تڏهن ٽٽيون جڏهن آمر جي دور ۾ ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي ۽ جڏهن ته آمر جي دور ۾ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل واري وارڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ هر شخص کي گهر ويجهو دل جو علاج ملندو، سنڌ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي ٽين اسپتال آهي، جتي دل جي علاج جون جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ اسپتال ڪنهن به عالمي اسپتال جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، جتي مريضن جو علاج بلڪل مفت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 2 جڙتون پارٽيون چئن سالن کان جي ٽي روڊ جي ويڙهه ڪري رهيون آهن، پ پ ٻين شعبن وانگر صحت جي شعبي ۾ به ڪم ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سائبر نائف روبرٽڪ سرجري جي ڪينسر جو علاج ڪيو پيو وڃي، سڄي دنيا ۾ سائبر نائف سرجري تي 50 کان 60 لک خرچ ٿيندو آهي، سنڌ ۾ ان ٽيڪنالوجي ذريعي مفت علاج ڪيو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان پنهنجي وڏن وانگر عوام جي خدمت ۾ پنهنجي زندگي گذاري ڇڏيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *