حڪمران منهنجي خلاف احتجاج ڪرائي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن پر ڊڄڻ وارو ناهيان: عمران خان

لنڊن (م.ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن کي موقعو ڏيون ٿا ته پاناما ليڪس تي عدالتي ڪميشن ٺاهي. ادارا مضبوط ٿي ويا ته ملڪ ترقي ڪندو. برمنگھم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته وزير اعظم نواز شريف جواب ڏيڻ بدران شوڪت خانم کي نشانو بڻائي رهيو آهي. جن قومن وٽ نظريو ناهي هو

ندو اهي تباهه ٿي وينديون آهن. هن چيو ته عدل ۽ انصاف جي ڪري مسمانن ست سئو سال حڪومت ڪئي. برطانيا جي سالياني جي ڊي پي 50 مسلمان ملڪ جي برابر آهي. هن حضرت عمر جو مثال ڏيندي چيو ته حضرت عمر کان ڪپڙي جي باري ۾ پڇيو ويو ته ڪٿان آيو آهي ته هُن جواب ۾ اهو نه چيو هو ته تون ٻڌاءِ تو ڪٿان آندو. هُن ان ڳالهه جو صحيح جواب ڏنو . حڪمرانن پاناما ليڪس جو جواب ڏيڻ بدران شوڪت خانم کي نشانو بڻائي ڇڏيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان ادارا مضبوط ڪري ڇڏيا ته ملڪ کي ترقي کان ڪير نٿو رڪي سگھي. جمهوريت ۾ حڪمران جوبده هوندا آهن. جج انهن حڪمرانن جو انصاف ڪندو. حڪمرانن کي موقعو ڏيون ٿا ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهي. هن چيو ته حڪمرانن منهنجي خلاف احتجاج ڪرايو، گو عمران گو جا نعرا هڻايا، ڇا آئون وزير اعظم آهيان جو اهي نعرا هڻايا ويا. هن چيو ته مونکي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي پر مان ڊڄڻ وارو ناهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *