عمران فاروق قتل ڪيس: محسن علي مک جوابدار، معظم علي ۽ خالد شميم سهولتڪار آهن، عبوري چالان عدالت ۾ پيش

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جي ڪيس ۾ هڪ دفعو ٻيهر عبوري چالان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب محسن علي کي مک جوابدار معظم علي ۽ خالد شميم کي سهولتڪار قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران فاروق جي قتل جي ڪيس ۾ هڪ دفعو ٻيهر عبوري چالان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. جنهن مطابق محسن علي کي مک جوابدار جڏهن ته معظم علي ۽ خالد شميم کي سهولتڪار قرار ڏنو ويو آهي جوبدار هن ڪيس ۾ لاڳاپيل عدالت ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ان جي موڪل کي فقط شڪ جي بنياد تي هن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ان جو ان سان ڪوئي تعلق نه آهي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جي ڪيس جي جاچ ٽيم ۾ شامل هڪ اهلڪار مطابق جوابدار معظم علي ڪارگو سروس ۾ ڪليئرنگ ڪمپني جو مالڪ هو جنهن پنهنجي ڪمپني جي نالي تي ٻين ٻن جوابدارن محسن علي ۽ ڪاشف جا ويزا لڳايا هئا عدالت ۾ پيش ڪيل عبوري چالان ۾ گرفتار ٽنهي جوابدارن جا اقبالي بيان شامل آهن جنهن ۾ ايف آءِ اي جي اهلڪار مطابق جوابدار ان ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي ايف آءِ اي اهلڪار مطابق جوابدار خالد شميم ڪراچي واٽر بورڊ ۾ سرماري ملازم آهي ۽ کيس مبينه طور تي اها ذميواري ڏني ويئي هئي ته جيئن ئي محسن علي ۽ ڪاشف خان لنڊن کان ڪراچي اچن ته کين ايئرپورٽ تي ئي ماريو وڃي جڏهن ته پاڪستان جي ڳجهن ادارن اها سازش ناڪام بڻائي ڇڏي محسن علي ۽ ڪاشف تي الزام آهي ته انهن لنڊن وڃي ڊاڪٽر عمران فاروق کي قتل ڪيو هو عمران فاروق 16 سيپتمبر 2010 تي لنڊن ۾ پنهنجي گهر ٻاهران هڪ قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *