حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي پاران پنجن ڏينهن وارو شيخ اياز ٿيٽر فيسٽيول شروع

 

حيدرآباد(شوبز نيوز) ثقافت کاتي پاران 5 ڏينهن جو شيخ اياز ٿيٽر فيسٽيول سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ شروع ٿي ويو آهي، جنهن جو افتتاح ڪهاڻيڪار شوڪت شورو، ليکڪ انعام شيخ، ليکڪ نصير مرزا ۽ سينيئر صحافي ناز سهتو ڪيو.ان موقعي تي ڪهاڻيڪار شوڪت شورو چيو ته شيخ اياز پاران ان وقت اوپيرا سنڌ کي ڏنو، جنهن وقت سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه هوندو هو ۽ سنڌي ٻوليءَ تي پابندي هئي.  ليکڪ انعام شيخ چيو ته ننڍي کنڊ ۾ اوپيرا ٿيٽر ئي هئا، جنهن ذريعي قومن ۾ جاڳرتا آندي ويندي هئي.ليکڪ نصير مرزا چيو ته نثار حسيني ۽ مون کي اوپيرا رڪارڊ ڪرائڻ جو اعزاز حاصل آهي، جنهن اوپيرا رڪارڊنگ ۾ سنڌ جي امر آواز سيد صالح  محمد شاهه جو آواز هيو. سينيئر صحافي ناز سهتو ٿيٽر ۾ آيل سمورن مهمانن جو ٿورو مڃيندي ٿيٽر بابت آگاهي ڏني.واضح رهي ته دودي سومري جي موت ٿيٽر ۾ ڊائريڪشن رفيق عيساڻي ڏني ۽ اداڪارن ۾ اڪبر دلواڻي، عائشه مهڪ، پري مغل ۽ ٻين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *