ماڻهو کي جيڪا ڳالهه ناهي وڻندي، ان کان ناهيان مُڙندي: زارا نور عباس

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا بشرا انصاري جي ڀاڻيجي ۽ اداڪارا زارا نور عباس چيو آهي ته تنقيد جي ڪري اهو ڪم ڪرڻ ناهيان ڇڏيندي جيڪو آئون ڪرڻ چاهيندي آهيان.پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي زارا نور عباس چيو ته مون کي گھڻن ماڻهن چيو ته آئون گھڻي ٿُلهي آهيان، جينز  ڇو پائيندي آهيان؟ ماڻهو جڏهن سوشل ميڊيا تي اهو چوندا آهن ته آئون اهڙا ڪپڙا  هر هر پائيندي آهيو ۽ وري انهن ئي ڪپڙن ۾ تصويرون به لڳائيندي آهيان، ماڻهن جي تنقيد مون کي سدائين تڪليف ڏني آهي ۽ آئون گھڻي رُني آهيان پر ماڻهن جي تنقيد سبب ڪڏهن به اهو ڪم ڪرڻ کان پاسو ناهيان ڪندي، جيڪو آئون ڪرڻ چاهيندي آهيان، آئون اهو سکي ورتو آهي ته پنهنجي جسم سبب ٽئلينٽ کي زيان نٿي ڪري سگھان.سندس چوڻ هو ته منهنجو واسطو هڪ اهڙي گھر سان هو، جتي آئون رات جو 10 وڳي کان پوءِ ٻاهر نه نڪري سگھندي هئس، دوست ٺاهڻ کان اڳ ان کي منهنجي گھروارن سان ملڻو پوندو هو، جنهن کان پوءِ هو منهنجو دوست بڻبو هو.اداڪارا کان جڏهن پڇيو ويو ته توهان جي ماسي ۽ ماءُ شوبز انڊسٽري جي بهترين اداڪارائن مان هڪ آهن ته انڊسٽري ۾ اچڻ لاءِ ڪڏهن هنن اوهان جي مدد ڪئي؟ جنهن تي اداڪارا جواب ڏيندي چيو ته نه، جيڪڏهن ڪير مون تي پنهنجا ٻه رپيا رڳو ان ڪري لڳائي ته منهنجي ماسي ان کي چيو آهي ته اها ڳالهه قبول ڪرڻ جوڳي آهي پر ڪو پنهنجا لکين رپيا مون تي لڳائي ڇڏي رڳو ان جي ڪري ته ائين نٿو ٿي سگهي، ڇو جو انڊسٽري ۾ وڏو مقابلو آهي.واضح رهي ته اداڪارا زارا نور عباس عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿيندڙ فلم ”ڇلاوا“ ۾ مهوش حيات سان گڏ ڪم ڪيو آهي، ان کان سواءِ زارا مختلف ڊرامن ”خاموشي، ڌڙڪن، لمحي، قيد ۽ ديوار شب“ ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *