20 سالن جي عمر ۾ شادي ڪرائي وئي، ڏک سور ڪنهن سان به شيئر نه ڪري سگهندي هئس: حمائما ملڪ

 

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار محسن عباس جي زال فاطما سهيل کان پوءِ اداڪارا حمائما ملڪ به پنهنجي شادي شدهه زندگي ۾ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم بابت ٻڌائي ڇڏيو.ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪار ۽ گلوڪار محسن عباس حيدر جي زال فاطما سهيل پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلم جي بابت چيو هو ته هن جي مڙس محسن عباس کيس ڳورهاري هجڻ باوجود سخت تشدد جو نشانو بڻايو. سوشل ميڊيا واهپيدارن سوڌو مختلف شوبز شخصيتن فاطما جي حق ۾ آواز اٿاريا جڏهن ته اداڪارا حمائما ملڪ بھ هن سان ٻڌي جو اظهار ڪندي پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم جي جو داستان بيان ڪيو آهي.حمائما ملڪ انسٽاگرام تي پنهنجي شادي شدهه زندگي ۾ پاڻ مٿان ٿيندڙ تشدد بابت ڳالهائيندي چيو ته جيتوڻيڪ  ان ڳالهه کي گھڻا سال گذري چڪا آهن  پر انهن سالن ۾سٺل سُور اڄ به ڏينهن رات مون کي پريشان ڪندا آهن.حمائما ملڪ چيو ته جڏهن منهنجي شادي ٿي هئي ته آئون رڳو 20 سالن جي هيس ۽ پنهنجا ڏک سور پنهنجي گھر وارن سان به شيئر نه ڪري سگھندي هيس. حمائما چيو ته آئون اڄ پنهنجو پاڻ تي شرمندهه آهيان جو آئون پنهنجي شادي جي ٽن ورهين تائين ظلم برداشت ڪندي رهيس ۽ پاڻ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگھيس.حمائما انڪشاف ڪيو ته جڏهن آئون پنهنجي ۽ پنهنجي گھروارن جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي هيس  ان وقت به مونکي هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا ڌمڪايو ويو پر هاڻ آئون بلڪل به ڊنل نه آهيان پر آئون ان ڳالهه تي شرمندا آهيان جو آئون هن وقت تائين خاموش ڇو رهيس.واضح رهي ته اداڪارا حمائما ملڪ اداڪارا شمعون عباسي سان 2010ع ۾ شادي ڪئي هئي.  پر اها شادي گھڻي عرصي تائين نه هلي سگھي ۽ ٻن ورهين کان پوءِ ئي ٻنهي وچ ۾ طلاق ٿي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *