حديبيا ڪيس: نيب ڪهاڻين بدران شاهديون پيش ڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ حديبيا پيپز ملز ڪيس جي ٻڌڻي ۾ چيو آهي ته نيب ڪهاڻين بدران شاهديون پيش ڪري. جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ حديبيا ڪيس کولڻ لاءِ نيب جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران جسٽس مظهر عالم چيو ته حديبيا ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ هدايتون هيون ۽ ڇا جي آءِ ٽي سفارشن تي عدالت حديبيا ڪيس بابت ڪي هدايتون ڏنيون. نيب وڪيل عمران الحق چيو ته حديبيا جو ذڪر پاناما فيصلي ۾ ناهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پئسا هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا، اهي ڪهاڻيون آهن، بيان ڇڏيو ۽ شاهديون پيش ڪيو. جوابدارن تي لڳايل الزام ٻڌايو، ممڪن آهي ته اهو ڪارو ناڻو يا انڪم ٽيڪس جو ڪيس هجي. جسٽس مشير عالم چيو ته پاناما فيصلي کي حديبيا سان ڪيئن ڳنڍينداسين. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پاناما جي آءِ ٽي ته حديبيا ڪيس بابت پنهنجي راءِ ڏني آهي، ان معاملي ۾ مجرماڻو عمل ڇا آهي اهو ٻڌايو، ممڪن آهي هي انڪم ٽيڪس جو معاملو هجي. نيب وڪيل عمران الحق ٻڌايو ته 1998ع جي ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ سڀ فارن ڪرنسي اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا هئا، فارن اڪائونٽ منجمد ڪرڻ کان اڳ جوابدارن پنهنجو پئسو ڪڍرايو هو. جسٽس مشير عالم چيو ته 1992 کانپوءِ اڄ 2017ع هلي رهيو آهي، هاڻ به اسان اونداهه ۾ آهيون، الزام واضح هجڻ گهرجن، صديقا جي اڪائونٽ مان پئسا ڪنهن ڪڍرايا نالو ٻڌايو. نيب وڪيل چيو ته اسحاق ڊار اها رقم ڪڍرائڻ جو اعتراف ڪيو. جسٽس مشير عالم چيو ته اهڙي صورت ۾ ته لاڳاپيل ڪاغذ اسان جي سامهون هجڻ گهرجن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته نه جي آءِ ٽي ڪجهه ڪيو نه توهان ڪجهه ڪيو، ڇا حديبيا جي ڊائريڪٽرز کي سڀ سوال ڏنا ويا؟ آرٽيڪل 13 کي به نظر ۾ رکڻو آهي. عمران الحق ٻڌايو ته اسان جوابدارن کي سوال نامو موڪليو پر جواب نه ڏنا ويا. جسٽس مشير عالم نيب وڪيل کي چيو ته توهان کي مڪمل مني ٽريل ثابت ڪرڻي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سڀ ڳالهيون مڃيون پوءِ به نيب کي مجرماڻو عمل ٻڌائڻو آهي، نيب سيڪشن 9 اي تحت ته توهان ڪا ڳالهه نه پيا ڪيو. نيب وڪيل چيو ته عدالت اجازت ڏئي ته اسحاق ڊار جو بيان پڙهان. جسٽس قاضي فائز چيو ته اسحاق ڊار جي بيان کي ڪنهن قانون تحت ڪنهن ٻئي شخص خلاف استعمال ڪري سگهجي ٿو. جسٽس مشير عالم پڇيو ته ڇا اسحاق ڊار جي بيان کي ڪائونٽر چيڪ (تصديق) ڪيو ويو. نيب وڪيل چيو ته اسحاق ڊار جي بيان جي تصديق ڪئي وئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته قانوني طور اسحاق ڊار جو بيان عدالت يا نيب چيئرمين اڳيان وٺڻ گهرجي ها. ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي 11هين وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *