ڊار جي واپسي انٽرپول ذريعي ڪرڻ جو فيصلو..!!

نئب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس بعد پڌرنامو جاري ڪندي چيو ويو آهي ته ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ 8 انڪوائرين ۽ ٻين انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني وئي. ملتان ميٽرو بس پراجيڪٽ ۾ سرڪاري فنڊن ۾ ناجائز استعمال ڪيو ويو. پراجيڪٽ ۾ پيپرا قاعدن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي. بدعنواني جي جاچ جي به منظوري ڏني وئي آهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي انٽر پول ذريعي ڏيهه آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

نئب ترجمان موجب نئب ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سرويچ شيخ کي معطل ڪيو ويو آهي. انڪوائري ڪميٽي روزاني جي بنياد تي الزامن جي جاچ ڪندي. هن تي ڪرپشن جو الزام آهي. جاچ مڪمل ٿيڻ تائين معطل رهندو. پاڪ ڊبليو ڊي لاڙڪاڻي جي آفيسرن خلاف جاچ، اڳوڻي ايم پي اي نصرالله بلوچ خلاف اختيارين جي ناجائز ااستعمال، نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن جي آفيسرن خلاف ڪرپشن جي جاچ جي به منظوري ڏني وئي آهي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پروين نعيم، چيف انجنيئر سکر ارشاد ميمڻ جي ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏني وئي. نئب پي آءِ اي جي جهاز اي 310 غير قانوني جرمني موڪلڻ ۽ بعد ۾ ڀڳڙن مٺ تي وڪرو، پنجاب ۾ مبينا طور 56 غير قانوني پبلڪ ڪمپنين ۾ بدعنوانين، نيو اسلام آباد ايئرپورٽ جي تعمير ۾ مبينا بدعنوانين تي سي اي اي آفيسرن خلاف انڪوائري جي به منظوري ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *