جڊيشل ڪميشن جي قيام باوجود تحريڪ انصاف جو رويو تبديل ناهي ٿيو: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو)  سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن جي قيام باوجود  تحريڪ انصاف جو رويو تبديل ناهي ٿيو، پارليامينٽ جي تذليل  عمران خان جي دماغي حالت ظاهر ڪري ٿي.  عمران خان پاران جمعي تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ واري اعلان تي رد عمل ظاهر ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته جنهن ايوان کي جعلي سڏيو ويو، اتي خطاب ڪرڻ وارو اعلان سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته غير جمهوري طريقي واري سياست تحريڪ انصاف جي عادت  بڻجي وئي آهي، عمران خان پاران پارليامينٽ جي مسلسل تذليل ظاهر ڪري ٿي ته سندس دماغي حالت ڪيئن هوندي. پرويز رشيد چيو ته جڊيشل ڪميشن جي معاهدي وقت طئي ٿيو هو ته ان حوالي سان ڪا به بيان بازي نه ڪئي ويندي پر عدالتي ڪميشن جي قيام باوجود عمران خان پنهنجو رويو تبديل ناهي ڪيو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان جڊيشل ڪميشن تي اثر انداز ٿيڻ چاهي ٿو، اڃا جڊيشل ڪميشن جي معاهدي تي ڪجهه ڏينهن ئي ناهي گذريا ۽ عمران خان بيانبازي شروع ڪري ڏني آهي. پرويز رشيد عمران خان کي مشورو ڏنو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن عروج تي آهي، ٻين تي تنقيد ڪرڻ بدران ڪي پي ڪي ۾ سڌارن تي تجويز ڏني وڃي ته سندس لاءِ بهتر هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *