سيد قائم علي شاهه پاران ترقياتي بجيٽ جي استعمال نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه هلندڙ مالي سال 15-2014ع ۾ ترقياتي بجيٽ جي استعمال ۾ مختلف کاتن جي ناڪامي ۽ بهتر ڪارڪردگي نه هئڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، پ پ حڪومت سنڌ جي ترقي کي اوليت جي بنياد تي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ مان ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت کي برداشت نه ڪندس. اهڙو اظهار هن سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري عليم الدين بلو، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد وسيم، سيڪريٽري ترقيات ريحانه يمڻ، سيڪريٽري منصوبابندي ۽ ترقيات ڊاڪٽر شيرين ناريجو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد وسيم وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال 15-2014ع ۾ مجموعي ترقياتي بجيٽ 168 ملين رپيا هئي جنهن مان 143 بلين رپيا صوبائي اي ڊي پي ۽ 25 بلين ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي جا هئا ۽ مجموعي طور تي 2937 اسڪيمون هيون جن مان 1658 جاري اسڪيمون ۽ 1279 نيون اسڪيمون جڏهن ته 90.1 بلين رپيا جاري اسڪيمن لاءِ ۽ 52.9 بلين رپيا نين اسڪيمن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته مجموعي ترقياتي بجيٽ مان 15 سيڪڙو بجيٽ لوڪل گورنمينٽ لاءِ، 14 سيڪڙو انرجي لاءِ، 9 سيڪڙو صحت لاءِ، 8 سيڪڙو تعليم لاءِ، 7 سيڪڙو خصوصي ترغيبات لاءِ، 7 سيڪڙو روڊن جي تعمير، 6 سيڪڙو آبپاشي ۽ 34 سيڪڙو ٻين درمياني ۽ ننڍين اسڪمن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. ايڊيسنل چيف سيڪريٽري ترقياتي بجيٽ جي استعمال بابت پريزينٽيشن ڏيندي چيو ته اوقاف کاتي، زڪوات ۽ مذهبي معاملا صرف 20 سيڪڙو بجيٽ استعمال ڪئي مذڪوره کاتن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 266.4 ملين رپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 161.548 ملين رپيا 4 اپريل 2015ع تائين جاري ڪيا ويا آهن جنهن مان هنن صرف 32.756 ملين رپيا استعمال ڪيا آهن. هن چيو ته صحت کاتي لاءِ 13224.924 ملين رپين جي بجيٽ هئي جنهن مان 7200.616 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن جنهن مان 2.775 بلين رپيا استعمال ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي استعمال جي شرح 39 سيڪڙو آهي. محمد وسيم چيو ته صنعت کاتي لاءِ 125.558 ملين رپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 38.5 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته انهن مان صرف 17.816 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا اهڙي طرح انهن جي استعمال جي شرح 46 سيڪڙو آهي. محنت واري کاتي لاءِ 103.680 ملين رپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان ناڻي کاتي 9.390 رپيا جاري ڪري چڪو آهي ۽ ان مان صرف 1.5 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا آهن اهڙي طرح جاري ڪيل فنڊن جي استعمال جي شرح 16 سيڪڙو بڻجي ٿي. لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز بابت ڳالهائيندي اي سي ايس چيو ته ان لاءِ 2070.67 ملين رپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 599.249 ملين رپيا جاري ڪيا ويا ۽ ان مان صرف 111.689 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا اهڙي طرح استعمال جي شرح 19 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير اي سي ايس محدم وسيم کي چيو ته هن ان ڏس ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڳالهايو آهي جنهن تي هن چيو ته اسان اکين ڪيترائي خط موڪليا آهن. هن چيو ته مائنز اينڊ منرل کاتي لاءِ 279.420 ملين رپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان ناڻي کاتي 85.673 ملين رپيا جاري ڪيا جنهن مان هن صرف 3.450 ملين رپيا استعمال ڪيا آهن ۽ استعمال جي شرح 4 سيڪڙو بڻجي ٿي ان جي انگن اکرن تي وڏي وزير ناراضگي جو اظاهر ڪندي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو کي چيو ته هو انهن سمورن کاتن جيڪي پنهنجي ترقياتي بجيٽ جي استعمال ۾ ناڪام ويا آهن جي سيڪريٽرين جو خصوصي اجلاس طلب ڪري. هن چيو ته اها تمام مايوس ڪندڙ صورتحال آهي ۽ مان ان کي ڪيئن برداشت ڪري سگهان ٿو. اي سي ايس محمد وسيم چيو ته منصوبابندي ۽ ترقيات کاتي  به صرف 12 سيڪڙو فنڊ استعمال ڪيا آهن جنهن تي وڏي وزير چيو ته کاتي جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي. ٽرانسپورٽ کاتي بابت ٻڌائيندي اي سي ايس چيو ته کاتي لاءِ 3216.000 ملين رپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 72.138 ملين رپيا جاري ڪيا ويا جڏهن ته کاتي 7.581 ملين رپيا استعمال ڪيا اهڙي طرح استعمال جي شرح 11 سيڪڙو بڻجي ٿي. انهن انگن اکرن تي وڏي وزير ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جا ڪيترائي مسئلا آهن ۽ کاتي جي ڪارڪردگي تسلي بخش ناهي. وڏي وزير ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي ڪارڪردگي تي به ناراضگي جو اظهار ڪيو جڏهن کيس اي سي ايس ٻڌايو ته هن 9594.438 ملين رپين مان صرف 4915.413 رپيا استعمال ڪيا آهن اهڙي طرح استعمال جي شرح 51 سيڪڙو بڻجي ٿي ان کاتي لاءِ 9744.480 رپيا مختص ڪيا ويا هئا. سماجي بهبود کاتي به صرف 31 سيڪڙو ترقياتي فنڊ استعمال ڪيا جنهن لاءِ 313.2 ملين رپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان ناڻي کاتي 94 ملين رپيا جاري ڪيا جڏهن ته هن 29.277 ملين رپيا استعمال ڪيا. وڏي وزير ناڻي ۽ منصوبابندي ۽ ترقيات کاتن جو گڏيل اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ اهي سمورا کاتا جن جي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڪارڪردگي تسلي بخش نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *