جيڪولين فرنينڊس پنجابي آئٽم گانو ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) سريلنڪا حسينا ۽ بالي ووڊ اداڪاره جيڪولين فرنينڊس گذريل سال رليز ٿيڻ واري فلم رميا وستاويا جي آئٽم گاني “جادو ڪي جهپي”  سان پنهنجا جوهر ڏيکاري چڪي آهي. وقت نه هئڻ جو بهانو ٺاهيندي پنجابي فلم جو آئٽم گانو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڀارتي اخبار موجب  ڪينيڊا کان ڀارت ايندڙ هدايتڪار امنديپ ڪلير ڀارت ۾ پنهنجي پهرين فلم ٺاهي رهيو آهي. جيڪولين فرنينڊس  سان آئٽم گانو ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ۽ انهي کي شوٽنگ لاءِ تاريخون ڏيڻ جو چيو. پر هن آئٽم گانو ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مون وٽ ٽائيم ڪونهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هدايتڪار طرفان جيڪولين کي وڏي معاوضي ڏيڻ جي به پيشڪش ڪئي وئي، پر جيڪولين چيو ته مان انهن ڏينهن ۾ ورون جي فلم جي شوٽنگ ۾ ابوظهبي ۾ مصروف هونديس. ان لاءِ هو آئٽم گانو نه ٿي ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *