پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان پاڪ زمبابوي جون 600 ٽڪيٽون چوري ٿي ويون

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان پاڪ زمبابوي جون 600 ٽڪيٽون چوري ٿي ويون. تفصيل موجب پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ پهرئين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏيو ويندو. پر پي سي بي کي ميچ  کان اڳ ئي 600 ٽڪيٽون چوري ٿيڻ جو ڌچڪو لڳي ويو. جنهن بعد پي سي بي طرفان خاموشي اختيار ڪري ڇڏي، گلبرگ ٿاڻي ۾ عرفان نالي شخص خلاف رپورٽ داخل  ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  پي سي بي مان چوري ٿيڻ وارين ٽڪيٽن جي قيمت في  ٽڪيٽ 1500 رپيا هئي. پوليس طرفان گذريل رات هڪ جعلي ڪانسٽيبل به لبرٽي مارڪيٽ مان گرفتار ڪيو ويو هو. جيڪو ميچ جون ٽڪيٽون بليڪ تي وڪرو ڪري هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *