جو روٽ کي ون ڊي ڪيريئر جون 4 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ 60 رنسون گھربل

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ٽيم جي بيٽسمين جو روٽ کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جون 4 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ 60 رنسون کپن، جيڪڏهن روٽ ويسٽ انڊيز خلاف چوٿين ون ڊي ميچ ۾ ڪيريئر جون چار هزار رنسون مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته اهو اعزاز حاصل ڪندڙ ڏهون نمبر بيٽسمين بڻجي ويندو. اميد آهي روٽ ويسٽ انڊيز خلاف شيڊول چوٿين ون ڊي ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. روٽ هيستائين 95 ميچن ۾ 10 سينچرين جي مدد سان 3940 رنسون ٺاهيون آهن. انگلينڊ پاران اين بيل 5416 رنسون ٺاهي سڀ کان اڳيان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *