سلمان خان دنيا ۾ ٽي وي جو مهانگو ترين ميزبان بڻجي ويو

ممبئي (شوبز نيوز)باليووڊ جي سلطان  فلمن  کان پوءِ ننڍي اسڪرين تي به سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺڻ وارو ميزبان بڻجي ويو. ڀارتي   ميڊيا جي مطابق امريڪي جريدي فوربز ڪجھه عرصو پهريان هڪ  رپورٽ شايع ڪئي جنهن ۾ باليووڊ جي شاهه رخ خان کان پوءِ سلمان خان کي سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺڻ وارو قرار ڏئي ڇڏيو جنهن سال 2017 ۾ 236 ڪروڙ روپيا ڪمايا هئا جڏهن ته ايندڙ سال ان جي ڪمائي ان کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ ٿيڻ جو خدشو آهي.  سلمان خان پردي جي اسڪرين سان گڏ وگڏ ننڍي اسڪرين تي جلوو ڏيکاريندو آهي، سلو ميان ڀارت جي مشهور ريئلٽي شو  بگ   باس  جي 4، 5 ۽ 6 سيزن تائين هڪ قسط جو معاوضو اڍائي ڪروڙ وصول ڪندو هو، پر ايندڙ سيزن جي لاءِ هن اها رقم ٻيڻي ڪري ڇڏي ۽ پوءِ هر سيزن جي لاءِ ان جي رقم ٻيڻي ٿيندي وئي. ڀارتي ميڊيا جي مطابق دبنگ خان بگ باس 11  جي هڪ قسط جو معاوضو 11 ڪروڙ روپيا وصول ڪندو جڏهن ته ان جو پروگرام ٽن مهينا  جي لاءِ آن ايئر هوندو آهي جيڪو هفتي ۾ ٻه ۽ مهيني ۾ 8 ڀيرا نشر ڪيو ويندو سلوميان پروگرام جي آخر ۾ 264 ڪروڙ روپيا کڻي گھر هليو ويندو.  بگ باس   سيزن جي هڪ قسط  جي معاوضي  کي نظر ۾ رکندي سلوميان جو شمار دنيا جي  مهانگي ترين ميزبان ٿئي ٿو. ڇو ته جم پرسنس، جوني گاليڪي، ڪيلي ڪوڪو،  ڪونال نائير ۽ سائمن هلبرگ جو شمار  دنيا جي مهانگي ترين ٽي وي ميزبانن ۾ هوندو آهي جو بگ بينگ ٿيوري جي هڪ قسط جو معاوضو 5.75 ڪروڙ روپيا وصول ڪندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *