سمورن آئيني ادارن کي پارليامينٽ جي عزت ڪرڻي پوندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان پنهنجو ستر سالن جو تاريخي سفر مڪمل ڪري چڪو آهي. پاڪستان جي هر شخص ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي، 18 وزيراعظم ملڪ م رهيا پر ڪنهن کي به پنهنجو مدو پورو نه ڪرڻ ڏنو ويو اڄ سمورن ادارن گڏجي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪيو آهي، 2013 ۾ ماڻهون دهشتگردي  سبب ملڪ ڇڏي رهيا هئا ۽ اڄ واپس اچي رهيا آهن. موجوده وزيراعظم اڳوڻي وزيراعظم جي مشن کي مڪمل ڪندو وزيراعظم هوندي نوازشريف پنهنجي ٽن نسلن جو حساب ڏنو اهي، عوام جي ووٽن جي عزت کان بغِير پارليامينٽ جي عزت نه ٿيندي، آئين جي عزت کانسواءِ ادارن کي هٿي نه ملندي، لوڪ ورثا ميوزم ۾ تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته سڌ سماءَ واري وزرت جي انتظام هيٺ پاڪستاني تاريخ جي تصويري نمائش خوشي جھڙي ڳالهه  آهي. نمائش ۾ گذريل ستر سالن دوران جمهوري ادارن جي ڪردار کي هٿي وٺرائي وئي آهي. پاڪستان پنهنجي ستر سالن جو ت اريخي سفر نوازشريف جي قيادت ۾ مڪمل ڪري چڪو آهي، هن چيو ته موٽروي جو ڄار نه هجي هان ته اڄ سي پيڪ به نه هجي هان، هن چيو ته ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو صحت جو پروگرام پاڪستان ۾ شروع ڪيو ويو اهي، هن چيو ته پاڪستان جا سڀ ماڻهون ڪردار ادا ڪن ته جيئن ملڪ ۾ طاقتور جمهوريت کي هٿي ملي، هن چيو ته محمد نوازشريف وڏي ڊائلاگ واري ڳالهه ڪئي آهي هن چيو ته عوام جي ووٽن جي عزت کانسواءِ پارليامينٽ جي عزت نه ٿيندي ۽ آئين جي عزت ڪرڻ کانسواءِ ادارن کي هٿي نه ملندي. هن چيو ته آئين جي حڪمراني ان وقت ممڪن آهي جڏهن پارليامينٽ مضبوط ٿيندي، هن چيو ته آپوزيشن سان همدردي جو اظهار ڪيو جن ننڍيون ننڍيون جلسون ڪيون ۽ ايترو وڏو سمنڊ تڏهن نڪتو جڏهن ميان نوازشريف ٻاهر آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *