جلد ملڪ مان دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف لورالائي حملي ۽ قائد آباد ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙن واقعن سان قوم جو عزم ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي، جلد ملڪ مان دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويندو. وزيراعظم نواز شريف بلوچستان جي شهر لورالائي ۽ ڪراچي جي علائقي قائد آباد حملي ۽ ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو آهي ته دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪارروائين سان حڪومت، فورسز ۽ عوام جو عزم ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن دهشتگردن جو ملڪ مان مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي هر صورت ۾ پاڙ پٽي ويندي، ڪراچي آپريشن آخري ڏوهاري تائين جاري رکيو ويندو، ڪنهن کي به آپريشن تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن ۽ آپريشن ضرب عضب اميدن کان وڌيڪ نتيجا ڏنا اهن، ڪراچي آپريشن سڀني سياسي پارٽين جي مشاورت سان شروع ڪيو، دهشتگردي جو خاتمو ڪري ئي ساهه پٽينداسين، قوم هاني روشنين طرف وڌي رهي آهي، ملڪ مان اونداهي جو خاتمو ڪري ڇڏينداسين،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *