يمن جو ”امن“ ۽ جنگي جنون ؛شوڪت لوهار

دنيا ۾ جيڪي به جنگيون لڳيون آهن، انهن ڪي زرخيز ۽ سرسبز باغ ڪو نه اڏيا آهن پر انهن جي نتيجن مرڳو ئي ابتڙ نتيجا ڏنا آهن. جنگ جدل هميشه تباهي، بربادي، معاشي بدحالي ۽ سماجي ڀڃ ڊاهه کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڏيئي به ڪو نه سگهي پر انساني ميڄالي ۾ ويٺل جنگي جنون وڙهڻ ۽ ٻئي کي مات ڪرڻ واري حسرت اڃا تائين ختم نه ٿي سگهي.

چوڻ جي حد تائين ته انسان غارن جي زندگي کان آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اسڪاءِ اسڪريپ تائين رسيو آهي پر هو اڃا به وحشت ۽ دهشت جي اهڙي دڳ تي هلي رهيو آهي جتي رڳو ماڻهن جون وڇايل موتمار بارودي سرنگهون وڇايل آهن.

هر ڏينهن موت سنيهو بڻجي رهجي ويو آهي. امن جو ڪبوتر خبر ناهي ڪٿي اُڏي ويو آهي. هر ڏسا ۾ صرف خوف ۽ انڌيرو ئي انڌيرو آهي. چوڏس راتيون هوندي به ماڻهو جو ماس سڙڻ جي بوءِ مان ساهه آجو ڪين ٿي سگهيو آهي. هر گهڙي گهوڙا گهوڙا ڙي بڻجي ويئي آهي. هن وقت وچ اوڀر ۾ جنگ جا بگل وڄي چڪا آهن اڃا شام جي شهرن مان اٿندڙ اڍائي لک ماڻهن جي موت جو ڪوهيئڙو جهڪو ئي ڪو نه ٿيو آهي جو هڪ ڀيرو ٻيهر يمن ۾ جنگ جي دکندڙ آلي ڪاٺي وڃي جنگ جو آڙاهه بڻي آهي. يمن ايشيا ۽ آفريڪا کي ملائيندڙ هڪ چينل جو ڪردار ادا ڪندڙ غريب ملڪ آهي، ان جي ڪل آبادي لڳ ڀڳ ٽن ڪروڙ جي آهي. ملڪ تي نالي ماتر حڪومتي ضابطو آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ هڪ قبيلائي ٽڪرن جي ور چڙهيل آهي جنهن تي تاحال حڪومت جو ضابطو ڪو نه ٿي سگهيو آهي. اندروني ويڙهه ۾ وڪوڙيل يمن ماضي ۾ پڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي اتر  ۽ ڏکڻ يمن جي نالن ۾ شمار ٿيندو رهيو آهي. هڪ ڀيرو وري هڪ يمن ٿيڻ تائين هن ملڪ گهڻو ڪجهه وڃايو آهي. يمن جا رهاڪو ڪم ڪار سانگي سعودي عرب ۾ محنت مزدوري ڪن ٿا ۽ ان مان ڪمايل رقم ملڪ جي معاشي ڌونڻي ۾ هوا جو ڪم ڪري ٿي. ان کان علاوه سندس بندرگاهه ويجهو تيل وڏن ذخيرن ۽ انهيءَ بندرگاهه وٽان تيل تان ملندڙ پئسن سان ملڪ معاشي طرح دنيا ۾ ڳڻجڻ جي لائق آهي. 90 جي ڏهائي ۾ يمن کي عراق، ڪويت، سعودي جنگ جي نتيجي ۾ عراق جي حمايت مهانگي پئجي ويئي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ سعودي عرب ۾ روزگار ڪندڙ سندس ماڻهن کي سعودي عرب مان نيڪالي ڏني هئي.

هن وقت يمن جي گادي واري هنڌ صنعا ۾ صورتحال ڳنڀير آهي ۽ اها ويتر خراب ٿيڻ ڏانهن وڃي رهي آهي جيئن ته ملڪ قبيلائي گروهن ۾ ورهايل آهي ان ڪري اتان جو سڀ کان طاقتور قبيلو حوثي قبيلو آهي، جنهن ڪڏهن به يمن جي حڪومتي ڪنٽرول کي ڪا لفٽ ڪو نه ڪرائي آهي اهو هينئر موجوده صدر منصور هادي حوثي باغين خلاف اعلان جنگ ڪري چڪو آهي. حالت اها آهي جو يمني صدر جنهن کي سعودي حمايت حاصل آهي اهو پنهنجو ملڪ ڇڏي سعودي عرب ۾ پناهه وٺي ويٺو آهي. هن وقت سعودي عرب بنا سوچڻ سمجهڻ جي يمن مٿان بمن جو وسڪارو لائي ڏنو آهي. ان جو اهڙو ورتاءُ هڪ طرح سان فطري آهي جو سعودي عرب وٽ ايران حمايت يافته حوثي قبيلي جي باغين سان جنگ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو به ڪو نه آهي. سعودي عرب جيڪو هر ممڪن طرح سان ايران سان مقناطيس جي ابتڙن جيان رهيو آهي. ان کي اهو خدشو آهي ته جيڪڏهن يمن ۾ حوثي شيعا طاقتور ٿي ويا ۽ حڪومت تي قابض ٿي ويا ته هن خطي ۾ خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا، جو ايران، شام ۽ يمن ملي ڪري سعودي بادشاهت ۽ ملڪ اندر ولوڙ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

آمريڪا جيئن ته هر پراڪسي جنگ مان صرف ۽ صرف پنهنجا مفاد پورا ڪندو آهي، بعد ۾ ان علائقي ۽ ماڻهن جي زندگي تي ڪهڙا به اُگرا اثر پون ان سان ان جو ڪو واسطو نه آهي انهيءَ دليل کي مضبوط ڪندڙ عراق جو مثال آهي جو صدام حسين جو عراق گهڻي ڀاڱي فرقيواريت کان بچيل هو، اُتي شيعا سني جهيڙا اهڙي نوعيت تائين ڪو نه وڌيا هئا جهڙي ريت هينئر اتي داعش جي صورت ۾ فرقيواريت ۽ دهشتگردي جو ٻرندڙ جبل ڦاٽو آهي. ان جي لاوي نه صرف موجوده عراق ان سان لڳو لڳ علائقن پر پوري دنيا لاءِ هڪ وڏي دهشت ۽ وحشت جي علامت بڻجي اُٿيو آهي، جنهن جي خوف ۽ بربريت القاعده کان سئو دفعا وڌيڪ اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن.

هن وقت يمن جي گادي واري شهر صنعا ۾ سعودي عرب جا حملا جاري آهن. ايئرپورٽ تباهه ٿي چڪا آهن. خابرو ادارن ۾ رڳو باغين جي ٺڪاڻن ۽ انهن کي وڏو نقصان پهچائڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن پر اتي معصوم ۽ بي گناهه ماڻهن جو جيڪو رت وهي رهيو آهي ان جو ايترو ذڪر ڪو نه ٿيو آهي. ڪيترائي پاڪستاني اڃا تائين يمن ۾ ڦاٿل آهن جن کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ لاءِ ڪوششن جا اعلان ٿي رهيا آهن.آسماني اَپسرا ۽ حور جهڙي خوبصورت عرب بهار/انقلاب جي روپ ۾ ان جي پٺيان لڪل ڏائڻ ۽ پيلا ڏند ڪڍي ٺٺول ڪندڙن جا نتيجا دنيا ۾ سامهون آهن. هر ڪوئي خوش ٿيو جو حسني مبارڪ کي تخت تان لاٿو ويو. سڀئي پيا سمجهن ته هاڻ مصر واقعي جمهوريت جي رنگ ۾ رڱجي ويندو پر هر ڪنهن ڏٺو ته ڪيئن نه مرسي کي منهن وارو ڌڪ هڻي هڪ فوجي جنرل سيسي کي ملڪ جي واڳ ڏور ڏني ويئي ڪيترن لاشن سان تحرير اسڪائر تي معصوميت جون تحريرون لکيون ويون. قذافي جي لبيا ۾ ماڻهن کي عزت جي زندگي ته هئي ملڪ ۾ امن ته هو پر هاڻ ڇا آهي سواءِ داعش ۽ بوڪو حرام جي؟ آمريڪي پراڪسي جنگ وچ اوڀر ۾ جتي پنهنجي ڪک مان پيدا ڪيل اسرائيل کي مضبوط ڪيو آهي اتي پنهنجا معاشي فائدا موت مار هٿيار وڪڻڻ جي صورت ۾ حاصل ڪيا آهن.سعودي عرب هن وقت يمن ۾ جاري جنگ ۾ پاڪستان کان مدد گهري ورتي آهي، جنهن جي حمايت ته اڻ سڌي طرح ٿي چڪي آهي باقي ڪجهه ڪاغذي ڪارروائي باقي آهي ڇاڪاڻ ته اسان اهو عهد ڪري ڇڏيو آهي ته دنيا ۾ جتي جهيڙو ٿئي اتي وڃي ضرور اهو جهيڙو پنهنجي ڳچي ۾ وجهڻو آهي. هن وقت دنيا ۾ اسان جي حيثيت ورڪشاپ ۾ پيل انهيءَ  14/12 جي پاني واري آهي جيڪو گهُر ته گاڏي جي هر نٽ کي پورو اچي وڃي ٿو. پاڪستان پاران سعودي عرب جي مدد جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه اهڙي مدد کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. انهيءَ کان علاوه ملڪ جي ٻين جماعتن پي ٽي آءِ، اي اين پي، ايم ڪيو ايم پڻ اهڙي مدد جي مخالفت ڪئي آهي.

هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا اسين هن وقت اهڙي حيثيت ۾ آهيون جو ٻين جي مدد ڪري سگهون؟ سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”پاڻ پني گهوڙا ڳنهي“ اهڙي ريت جڏهن اسان جو ملڪ دهشتگردي جي خطرناڪ پاتال ۾ ڪري چڪو آهي، ملڪ جي حفاظت ڪندڙ فوج سٺ هزار کان مٿي فوجين ۽ عوام جي قربانين سان هن هيڏي ساري ڀونچال کي منهن ڏئي رهي آهي، ان جنگ جو ماضي به اسان جي ايڊوانچر واري طبيعت جي عڪاسي ڪري ٿو جو آمريڪا جي افغانستان ۾ لاٿل فوج جي حمايت جي نتيجي ۾ دهشتگردي جو جِن وري ڦِري گِهري اسان جي ڳچي ۾ پئجي ويو. جيتوڻيڪ هندستان، ايران ۽ روس پڻ افغانستان جا پاڙيسري ملڪ آهن پر انهن هن جنگ جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪيو. هن وقت سورنهن سالن جي آمريڪي جنگ افغانستان کي هڪ پوري جهنگاڻ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، ان جو سڌو سنئون اثر پاڪستان تي پيو آهي جو فوج کي ضرب عضب جهڙي فوجي آپريشن جو آغاز ڪرڻو پيو. انهيءَ جي ردعمل جي نتيجي ۾ پشاور ۽ شڪارپور جهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا پيش اچي چڪا آهن. هر صبح هڪ دهشتگرد حملي ۽ هر شام هڪ فرقيواريت جي راڪاس جي واسو ٿيڻ جو سنديشو بڻجي ويئي آهي. ملڪ ۾ وڌندڙ فرقيواريت، گروهي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ ماڻهن کي انيڪ نفسياتي بيمارين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي.

ڇا توهان ۽ اسان کي ياد آهي ته ڪڏهن اسڪول ۾ علم جا ڏيئا ۽ ڏياٽيون روشن ڪندڙ استادن جي هٿن قلم جي مشق بدران هٿيار هلائڻ جي مشق ڪئي هجي؟ ياد آهي ته ڪڏهن ڪنهن اسڪول جي ٻاهران حفاظتي پهريدار بيهارڻا پيا هجن؟ هي سڀ ڪجهه اسان جي انهيءَ بي لوث مدد ڪرڻ واري جذبي تحت اسان کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. انهيءَ کان علاوه ملڪ ۾ تعليم ۽ صحت جي حالت اهڙي آهي جو ڪنهن کي ٻڌائڻ کان به منهن لڪايون ٿا. ها البته ڪجهه ماڻهو ڪجهه لک ڪروڙ ڊالرن جي ڀاڪرن ۾ ضرور ويڙهجي ويندا ۽ ڪنهن ڏورانهين ڏيهه جي بيچ تي ويهي ٽهل ٽڪور ڪري ناريل مان پاڻي پي سگهندا، باقي عوام ويتر ويل ۾ پئجي ويندو. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن وقت هر فيصلو پنهنجي صحت ۽ قد بت ڏسي ڪجي ته بهتر ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هاڻ اڃا وڃائڻ لاءِ ڇا بچيو آهي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *