جاويد ميانداد شاهد آفريدي کان معافي گهري ورتي

ڪراچي(شو بز نيوز) شاهد آفريدي طرفان گيم چينجر ۾ الزامن جو جواب ڏيڻ لاءِ جاويد ميانداد به ميدان تي لهي پيو ۽ حيران ڪندڙ طور تي ڳالهائيندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اڻڄاڻائي ۾ مون کان ڪا غلطي ٿي هجي جيڪڏهن بيٽنگ نه ڪرائڻ تي آفريدي مون تي ڪاوڙيل آهي ته مون کي معاف ڪري ڇڏي.ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته جيڪڏهن صلاح الدين ملي ته ان کان شاهد آفريدي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 06

پڇو ته هو ڪيئن هو ۽ منهنجو ان جي باري ۾ ڇا خيال هو، هن وڌيڪ چيو ته ان جي هيٺان گهڻا ئي ڇوڪرا کيڏيا آهن انهن کان پڇي سگهجي ٿو ته هو ڪيئن هو هن چيو ته سعيد انور ۽ ٻيا گهڻا رانديگرآهن بيشنڪ انهن کان منهنجي باري ۾ پڇي وٺو.جاويد ميانداد چيو ته ڪتاب لکڻ وارن کي مصالحو گهرجي، هن چيو ته ان کي هميشه عزت ملي آهي ۽ هميشه سٺي عزت ملي آهي، جڏهن هو بيٽنگ ڪرڻ ويندو هو ته عوام چوندو هو ته هاڻ ٽينشن ختم ٿي ويو ۽ عوام جون دعائون مون سان گڏ هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *