انگلينڊ واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ڪارڊف (شوبزنيوز) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڪارڊف ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي گرين شرٽس مقرر اوورن ۾  6 وڪيٽن جي نقصان تي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 03

رنسون ٺاهيون، بابر اعظم 65 ۽ حارث سهيل 50 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ عماد وسيم 18، فهيم اشرف 17، فخر زمان ۽ امام الحق ترتيب وار 7-7 رنسون ٺاهي سگهيا.جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 4 بال اڳ ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو. انگلش ڪپتان اين مورگن 29 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان ناٽ آئوٽ 57 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته جو روٽ 47، جيمز ونس 36 ۽ جو ڊينلي 20 رنسن سان اڳڀرا رهيا.پاڪستان طرفان عماد وسيم، شاهين آفريدي ۽ حسن علي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *